ڪراچي(پ ر) پيرا ميڊيڪل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سنڌ جي مرڪزي سپريم ڪائونسل جي ميمبر محمد اسماعيل جسڪاڻي، اخلاق احمد،سلمان ميمڻ، شريف پالاري، ارشد حسين شاهه، قادر بخش، سليم جميل ۽ بشريٰ آرائين گڏيل پريس بيان ۾ سيڪريٽري هيلٿ سميت صحت وارو وزير ۽ حڪومت سنڌ کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن 2018-02-26 تائين اسان جا مطالبا جن ۾ جي پي ايم سي ۽ اين آءِ سي ايڇ جي ملازمن کي ڏنل هيلٿ پروفيشنل الائونس، سنڌ جي سڀني اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي به ڏنو وڃي، اڳواڻن چيو ته ڊپارٽمينٽ طرفان جاري ڪيل ريڪوري ليٽر ختم ڪري 2006 واري سروس اسٽرڪچر ۾ رهندڙ ڪيٽيگريز کي به شامل ڪري ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي.