مضمون نويسي/ مقاله نگاريءَ جو تحقيقي جائزو

February 7, 2017 at 12:06 am

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

(حصو ٽيون)

مقاله نگاريءَ جي ترقيءَ ۾ عاون ادبي ميڙ ۽ علمي ڪانفرنسون آهن، جن ۾ بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنسون خاص طور اهم آهن. 1988ع ۾ اهڙي اهم ڪانفرنس سنڌ ۾ ڪوٺائي ويئي هئي ۽ ڪجهه هندوستان ۾ پڻ ڪانفرنسون ٿيون آهن. موجوده وقت سنڌي ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان انٽرنيشنل ادبي ڪانفرنسون سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو (ڊين فئڪلٽي آف آرٽس) جي سرپرستيءَ ۾ ٿي رهيون آهن، جن ۾ پراڻن محققن سان گڏ نون اسڪالرن به معياري مقالا پيش ڪيا آهن. اهڙيءَ ئي ريت ڏيئي مان ڏيئي جيان هيءَ لاٽ روشن رهندي.

مضمون نگارن ۽ مقاله نگارن مان جن ورهاڱي کانپوءِ ڪم ڪيو آهي، انهن ۾ لطف الله بدوي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، علامه آءِ آءِ قاضي، احسان بدوي، غلام محمد گرامي، محمد اسماعيل عرساڻي، محمد عثمان ڏيپلائي، مولائي شيدائي، غلام محمد شاهواڻي، محمد ابراهيم جويو، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، سيد غلام مرتضيٰ شاهه (جي ايم سيد) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، ڊاڪٽر شمس عباسي، ڊاڪٽر درشهوار، سيد ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر حبيب الله مرزا، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر پرسس جيسارام گدواڻي، ڊاڪٽر موهن لال شرما، پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي، ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، هري موٽواڻي، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر سنتداس جهانگياڻي، ڊاڪٽر ارجن شاد، ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، بدر ابڙو، امداد حسيني، پروفيسر علي نواز جتوئي، پروفيسر عطا محمد حامي، محمد بخش مجنون، رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر ثريا ڏيپلائي، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، ڊاڪٽر سحر امداد، ڊاڪٽر قمر جهان مرزا، ڊاڪٽر تهمينه مفتي، ڊاڪٽر هدايت پريم، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر ادل سومرو، ڊاڪٽر قاضي خادم، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍڙ، ڊاڪٽر ملڪ نديم ۽ ٻيا ڪيترائي نالا آهن.

حاصل مطلب ته اڄ به جهجها ۽ معياري مقالا لکجي رهيا آهن ته چند سٺا مضمون پڻ لکجن پيا. ضرورت آهي ته ٽڙيل پکڙيل مضمونن کي مجموعن جي صورت ۾ ڇپائي، مضمونن جي کوٽ کي پورو ڪندي، مضمون نويسيءَ کي هٿي ڏني وڃي. هتي سنڌي ٻوليءَ جي چند اهم مضمونن ۽ مقالن جي مجموعن جو ذڪر ڪجي ٿو.

“مقالات الحڪمت“ جي عنوان سان شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ لارڊ بيڪن جي مضمونن کي 1877ع ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. سندن ٻيو مضمونن جو مجموعو ”تهذيب الاخلاق“ پڻ تمام اهم آهي، جنهن جا مضمون عام رائج موضوعن تي مختصر ۽ اثر انگيز آهن. ”مقالات الحڪمت“ جا مضمون ڏاهپ ۽ حڪمت جا سخن آهن، جي اخلاقي، روحاني ۽ انساني عملي پهلوئن جي نمائندگي ڪن ٿا ته سندس سمجهه وڌائڻ ۽ شعور کي جلا بخشڻ ۾ معاون آهن. عام فهم ۽ اثرائتي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل هنن مضمونن جي وڏي افاديت آهي. ليکڪ سک ۽ ڏک جي موضوع تي لکي ٿو ته، ”سکن ۾ پرهيز وڏي نيڪي آهي ته ڏکن ۾ همت ۽ صبر ڪاميابيءَ جي معراج آهي، جيئن سک اڪثر ڊپن ۽ خرابين کان خالي ناهن، تيئن ڏک به اڪثر سرهاڻين ۽ اُميدن کان خالي ناهن، ٻئي گڏ آهن.“

مشهور مضمونن جو مجموعو ”گل ڦل“ ٻن ڀاڱن ۾ 1928ع ۽ 1936ع ۾ شايع ٿيو. مضمونن جو هيءُ مجموعو پرمانند ميوارام جي اخبار ”جوت“ ۾ شايع ٿيل ٽيهن سالن جي مضمونن تي مشتمل آهي. پهرين ڀاڱي ۾ 60 ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ 73 مضمون ڇپيا. اهي مضمون تاريخي، اخلاقي، سياسي، معلوماتي، سائنسي، ادبي سوانحي ته ڪجهه ناصحانه نموني جا پڻ آهن. نثر نويسيءَ جي مڙني خوبين سان معمور هيءُ مختصر مضمون پرلطف، اثر انگيز ۽ معلوماتي آهي. عمنوان هن ريت آهي ”چرچائي پکي“، ”پلو“، ”ماکيءَ جي مک“، ”تارن ڀري راتڙيءَ جو سنيهو“، ”سارنگ سانوڻ لايا“، ”جهنگل جو شيل“، ”ماءُ ته ههڙي“، ”سگهڙ زال“، ”تند نباتار“، ”صبر جن جو سير تير نه گُسي تن جو“، ”هڻ ڌيءَ کي سکي ننهن“، ”آهي ننڍڙي پر وهه جي ڳنڍڙي“، ”ويل يل هٿ نه ايندي“، ”ڪاهوءَ جو دڙو“، ”موهن جو دڙو“، ”ڪوهستان جو سير“، ”مصر ڏيهه جا يادگار“. مطلب ته ٻين به گهڻن موضوعن تي مضمون ڏنل آهن.

گلدستو، ليلا رام پريمچند ۽ ڏيارام وسڻمل 1907ع ۾ شايع ڪيو. هن مجموعي جي مضمونن جا عنوان ”تاج محل“، ”اڪبر جو موت“، ”پريم“، سچو سينگار“، ”راڳ“، ”وويڪ“، ”گورستان مان گذر“ وغيره آهن، جن جا مضمون نگار ڪيولرام سلامت راءِ،، ”بولچند ڏيارام، بولچند ڪوڏو مل، نولراءِ اڌارام، ڪوڙو مل چند مل، مرزا قليچ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرو مل مهرچند، محمد صديق ميمڻ، تارا چند شوقيرام آهن.

ادبي آئينو، ليکراج ڪشنچند جي ادبي مضمونن جو انعام يافته مجموعو 1941ع ۾ ڇپيو، جنهن جا ڪيترائي ڇاپا ڇپيا آهن ۽ يونيورسٽين ۾ ڊگري ڪلاسن جي نصاب ۾ مقرر هن ڪتاب چڱي مشهوري ماڻي آهي. ليکڪ هنن مضمونن کي سندس پريشان خيالن جو مجموعو ۽ خيالي بياني، مذاقي ۽ فلسفياڻي مضمون سڏيو آهي، پر ڪتاب جي مڪمل جائزي کانپوءِ چئي سگهجي ٿو ته هن ڪتاب ۾ آيل مضمون ٻين به گهڻن موضوعن تي آهن. علمي، ادبي، اخلاقي، سماجي ۽ مزاحيه مضمون پڻ آهن، جن ۾ خاص طور انساني خواهشن، نفساني سوچن، خودپسندي، لالچ ۽ حوس سان گڏ سندس ڏاهپ ۽ سمجهه جي رُخ کي ظاهر ڪندي، کيس خاص طور پاڻ سڃاڻڻ جي تلقين ڪيل آهي. ليکڪ لکي ٿو ته،

”عشق جي غلبي ۽ محبت جي جوش جو اهو سهڻو مثال آهي ته ڪنهن جي طلب جي تار ۾ طالب کي وهڻ وه ٿي اچي ۽ ڪشالن کان ڪڪ نه ٿي پوي، ڇو جو جيسين پانڌيئڙو جيءَ کي جفا ڏئي، ساهه جو سانگو پلي، جهڙيون نه جهاڳيندو، تيسين سنسار ساگر ۾ مطلب جا موتي هٿ نه ايندس.“

”سير ڪوهستان“ ۽ ”لاڙ جو سير“ الهه بچايو يار محمد سمون جو ”سير ڪوهستان“ 1942ع ۾ شايع ٿيو ۽ سندن ”لاڙ جو سير“ انهيءَ کانپوءِ ڇپيو. ”سير ڪوهستان“ ۾ آيل ويهه مضمون هڪ ئي علائقي جي رهڻي ڪهڻي، حڪومت جي انتظام ۽ عوام جي زندگيءَ جي حالتن جي باري ۾ آهن، جيڪي هڪ علائقي جي تاريخ، جاگرافي، ثقافت ۽ تمدن کي بيان ڪن ٿا. اندازِ بيان تحقيقي ۽ علمي آهي ته هن مجموعي جي اهم خوبي ٻوليءَ جو سهڻو استعمال آهي. انيڪ هنڌائتا پهاڪا، چوڻيون، گفتارون، تجنيس حرفيءَ سان سجايل جملا ۽ موقعائتا بيت ڪتب آيل آهن. هن ڪتاب کي سنڌي لغت جو خزانو ۽ نج نبار سنڌي ٻوليءَ جو هڪ منفرد مضمونن جو مجموعي سڏي سگهجي ٿو، جنهن جو هڪ مضمون ”ڪوهستاني ڪچهري“ ٻارهين ڪلاس جي نصاب ۾ ڏنل آهي. ٻوليءَ جو مثال هن ريت آهي:

”وڏي خوبي جا ڪوهستانين ۾ آهي، سا هيءَ ته پنهنجي پهلوانن جو وڏو احترام ڪندا آهن. هنن جي نالي ۽ يادگار زندهه رکڻ جي هر ڪا ڪوشش ڪن. گيدپڻيءَ جو طعنو نه فقط گيديءَ کي هڻن، پر سندس سڄيءَ ڪُرَ کي لوئين، گيديءَ جي گلا ڪن، مانجهين جا مائيٽ، وڏيون رقمون ڏئي، پنهنجن جون ساراهون چوائين اها ئي تعليم آهي جا پهاڙي جوانن ۾ مردانگيءَ جو آنگ وڌائي ٿي.“

ساڳيءَ ريت لاڙ جو سير پڻ يارنهن مضمونن تي مشتمل لاڙ جي علائقي جي علمي، ادبي ۽ سماجي حالتن جي ڄاڻ ڏيندڙ ڪتاب آهي. هنن مضمونن جي ٻولي پڻ تمام وڻندڙ ۽ اثر انگيز آهي.

ادبي گلشن، 1946ع ۾ نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻي ترتيب ڏنو. هن ڪتاب جي اعليٰ مضمون نگارن ۾ لطف الله آخوند، بولچند ڏيارام، ڏيارام گدومل، ڊاڪٽر دائود پوٽو، منگهارا، ملڪاڻي، محمد صديق ميمڻ، محمد بخش واصف، غلام حسين قريشي ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪچ ڪوڏيون عنوان سان مضمونن جو مجموعو سيد عطا حسين شاهه موسيءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ ”حضرت انسان“، ”دل جا دليل“، ”ڪاري عينڪ“، ”شڪار“، ”ڪوڙ“، ”نشو“ ۽ ٻيا مضمون آهن، جي سهڻي اسلوب بيان باعث وڻندڙ آهن ته مواد، موضوع سان ٺهڪندڙ آهي. ڪچ ڪوڏيون، سنڌي مضمون نريسيءَ جي ڳڻپ ۾ ايندڙ بهترين ڪتابن ۾ شمار ٿئي ٿو. ليکڪ جو ٻيو مضمونن جو مجموعي ”ڪشڪول“ 1992ع ۾ شايع ٿيو.

ڪَک هيٺان لک، ڪريم ڏني راڄپر جو لکيل آهي، جنهن ۾ ”ڪُڪڙ“، ”امداد باهمي“، ”کيتي سر سيتي“، ”ٻار ۽ ڀاڄيون“، ”جو وهي سو لهي“، ”گدا گري“، ”ڪک هيٺان لک“ ۽ ٻيا مضمون آهن. هيءُ ڪتاب 1962ع ۾ شايع ٿيو.

رتيءَ جي رهاڻ، علي نواز وفائيءَ جي تاريخي، تنقيدي، سماجي، سياسي، علمي، ادبي، منطقي، ناصحانه، مزاحيه، طنزيه ۽ لطيفيات ۾ لکيل مضمونن جو مجموعو آهي. شاهه صاحب جي هن بيت مان ڪتاب جو عنوان چونڊيو ويو آهي:

اديون! آئون اڄاڻ، مون سڱ سُڃاڻي نه ڪيو،

هوند نه سَٺيم هيڙي، ڪوهياري جي ڪاڻ،

رتيءَ جي رهاڻ، جِي اڙايم جَتَ سين.

(سر سسئي آبري، 5-19)

مٿي ڄاڻايل موضوعن مطابق مضمونن جا عنوان هن ريت آهن: ”تاريخ ساز شخصيتون“، ”سنڌ جا ڳوٺ“، ”اخبارون ۽ فلم“، ”ڏات ڌڻي ۽ ڏيهه ڌڻي“، ”جيئڻ ڪاڻ جيڏيون“، ”مينهوڳيءَ جا ماريل“، ”هيڻن جا حق هضم ڪرڻ“، ”سياسي ادب“، ”چونڊن جي چرپر“، ”صلح ۽ سانت“، ”ادب ۽ زندگي“، ”ٻوليون“، ”سنڌي پهاڪا“، ”قصيدو“، ”قلم ۽ اهل قلم“، ”ڪک هيٺان لک“، ”خوشامد“، ”تون ته ڪو قياس ڪر“، ”خليفو خيرو“، ”مستقبل جو معاملو“، ”ڀلارو ڀٽ ڌڻي“، ”ڪير پڇن ڪوڙيون“، ”نوريءَ جو نياز ۽ نوڙت“ ۽ ٻيا آهن. گهڻا تڻا مضمون هڪ کان ٻن صفحن جا آهن. هر مضمون جي آخر ۾ نصيحتي نڪتا، قول ۽ چوڻيون پڻ ڏنل آهن. پير علي محمد راشدي، قاضي عبدالمجيد عابد، شيخ عبدالحليم جوش طرفان پيش لفظ ۽ مهاڳ لکيل آهن. مولانا دين محمد وفائي جي هن فرزند جو ٻيو ڪتاب ”پلئه پايو سچ“ آهي. ليکڪ جي تحرير جو نمونو هن ريت آهي:

”فلم بذات خود هڪ عجيب شيءَ آهي، ان جا ڪيئي قسم هوندا آهن، اهو لکندڙ تي دارومدار آهي ته اهلِ قلم، قلم کان ڪهڙو ڪم ٿو وٺي ۽ صاف شفاف پني جي سيني تي ڪهڙا ٿو جوهر جرڪائي، هونئن ته هر ڪنهن لکندڙ جي پنهنجي پنهنجي ادا، نمونو ۽ طرز تحرير هوندي آهي. ڪي اديبانه انداز ۾، سمورين لکڻين کي ادا ڪندا رهيا آهن، ڪي وري عام فهمي جي فرحتي فضا جا خدا، ڪي نج صحيح ۽ صاف اکرن جا استاد، ڪي وري ملاوٽ جا متوالا، ڪي وري نظم کي نثر ۾، ڪي نثر کي نظم ۾ پيا لکندا رهندا آهن“.

(هلندڙ)

”انسان جي اصليت کي پرکڻ لاءِ، هزارين ڪسوٽيون قائم ڪيل آهن. هن وقت اصليت ۽ ڪسوٽين جو پاڻ ۾ تڪرار ۽ ٽڪر شروع آهي، ڇاڪاڻ ته اسان کي، جيڪو معاشرو ورثي ۾ مليو آهي، ان ۾ اصليت جو احوال شروع کان وٺي خارج ٿيل آهي. باقي نقل جا ناز نخرا، نوان رنگ ۽ ڍنگ، زندگيءَ جي هر شعبي تي حاوي ٿيل آهن ۽ انهن جي ئي معاملن جا منجهائيندڙ مچٽ مڃيل آهن“.

سڏن مٿي سڏڙا علي احمد بروهيءَ جي هن علمي، ادبي، تاريخي، سوانحي ۽ سماجي مضمونن جي مجموعي جو عنوان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيت مان چونڊيل آهي:

واڪو هڏ مَ لاهِه، سڏن مٿي سڏڙا،

مان تنهنجي ڪاءِ، سَڳرَ ۾ سارَ ٿئي. (سر حسيني، 10-3)

”سنڌ هڪ مهمان نواز ڌرتي آهي. مهمان نوازي هتي جي ماڻهن جي تاريخي ۽ قديم روايت آهي          (ہیهلندڙ)

. هي سندن ايمان آهي ته ماني موليٰ جي آهي. داڻي داڻي تي مهر لڳل آهي. اڄڪلهه جي مهمانيءَ ۾ ڪجهه مقصد ۽ مطلب به سمايل ٿا ڏسجن. ڪي پيرن فقيرن کي مهماني کارائي ثواب دعا لاءِ کانئن هٿ کڻائين، ڪي وري وزيرن وڙن کي ست رڇيون کارائي، پنهنجي مشڪل ڪشائي ڪرائين، ڪي وري اهڙا سائين جا سنواريا، جو جن کي جيسين ڪو ٽيئڙ يا ٻرو نه چڙهي، تيسين ڳنڍ کي ڇيهه مور نه ڏين، ڪي وري سوداگر قسم جا مهمان نواز، جو ڪنهن کي ديڳ جي کرڙ کارائيندي ائين پيا ٽڳرندا، ڄڻ حاتم جي قبر کي لت هنئي اٿائون، پر آئون صدقي وڃان انهن سٻاجهڙن تان، جي آئي وئي کي پڇ پاڻي پياريندي نه ذات پڇن نه پار پَتا نه ماني کارائيندي ڪا سوديبازي يا ڏيتي ليتي ڪن“.

هٻڪار، جي عنوان سان مختلف مضمون نگارن جي مضمونن جو مجموعو ڊاڪٽر نواز علي شوق 1975ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ڪيو. هن ڪتاب ۾ ”علم سکڻ جي ضرورت“ (پڪو پهه مان ٽڪرو) ”سچ“، ”قلندري ميلو“، ”وهيو“، ”پريم“، آزادي ۽ غلاميءَ جو فرق“، ”جيوت چٽاڀيٽيءَ جو سلسلو“، ”ڳوٺاڻي چهر“، ”نالا“، ”گنجي ٽڪر جو سير“، ”جي نوٽن جو مينهن وسي“، ”انسان“، ”شڪارپور“، ”سنڌي سٻاجهڙا“، ”مهمان نوازي“، ”وقت“، ”گداگري“، ”بي زبان دوست“، ”گهرجون“، ”مانيءَ جهڙو مٿو“، ”شڪار“ ۽ ٻيا چند مضمون شامل آهن، جن جا مضمون نگار ڪوڙومل کلناڻي، مرزا قليچ بيگ، شمس الدين بلبل ۽ صاحب سنگهه چندا سگهه شاهاڻي، ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، لال چند امرڏنو مل، نارائڻ داس ملڪاڻي، ميوارام ڀمڀاڻي، سيد ميران محمد شاهه، عطا حسين شاهه موسوي، ڪشنچند عزيز، پير علي محمد راشدي، محمد اسماعيل عرساڻي، هرمل سدار نگاڻي، ڪريم ڏنو راڄپر، عطا محمد حامي، گوبند ڀاٽيه، محمد بخش مجنون ۽ عطا محمد ڀنڀرو آهن. هي مضمون علمي ۽ ادبي طور تمام افاديت وارا آهن. هن ڪتاب جي اهم خوبي مرتب جو مضمون نويسيءَ جي باري ۾ شروع ۾ ڏنل ليک آهي ۽ سڀني مضمون نگارن جي مضمونن کان اڳ انهن جا تعارف ڏنل آهن.

چونڊ سنڌي مضمون ۽ مقالا، 1980ع ۾ شايع ٿيل اهم ڪتاب نصاب ۾ پڻ مقرر رهيو آهي. هن ۾ آيل سڀ مضمون ۽ مقالا نامور عالمن ۽ اديبن جا لکيل آهن. اهي مضمون عام فهم ۽ دلچسپ آهن ته مقالن جو مدلل انداز اثرائتو آهي. آيل ليکڪ هن ريت آهن: ”ادب ۽ زندگي“، ”بارانِ رحمت“ علامه آءِ آءِ قاضي، ”گنجي ٽڪر جو سير“ ميران محمد شاهه، ”ڪوئل“، ”شڪار ڪندڙ پکي“، ”پلو“، ”سارنگ سانوڻ لايا“، ”خوشامد“ پرمانند ميوارام، ”لاڙ جي هڪ رات“ الهه بچايو يار محمد سمون، ”ڪوهستاني ڪچهري“ استاد عرس سمون، ”ماءُ جي دل“ محمد صالح ڀٽي، ”ڪوڙ“ عطا حسين شاهه موسوي، ”گل جي زباني“ ليکراج عزيز، ”نوٽڻ ۽ ملاکڙو“ منو تولارام گدواڻي، ”سنڌ جا سورهيه“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ”شاعر جي عظمت“ ڊاڪٽر حيدر لغاري، ”پتلين جو تماشو“ غلام حسين شيخ.

مضامين خليل، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل جي ادبي مضمونن جو هيءُ ڪتاب سندن وفات کانپوءِ 1982ع ۾ عبدالقيوم ترتيب ڏئي ڇپايو. هن ڪتاب جي مُنڍ ۾ ڊاڪٽر ابراهيم جي پنجين سنڌ مشاعره ڪانفرنس 1944ع ۾ ڪيل تقرير ڏنل آهي ۽ ان کانپوءِ هيٺين شاعرن جي فن تي لکيل سندن سوانحي، علمي ۽ تنقيدي مضمون آهن، جن ۾ خليفو گل محمد هالائي، غلام محمد شاهه گدا، مير عبدالحسين خان سانگي، سيد محمد فاضل شاهه، مرزا قليچ بيگ، حافظ محمد حيات شاهه ۽ صائب آهن، سندن طرزِ تحرير جو مثال هن ريت آهي:

”ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته گل مرحوم ڪٿي ڪٿي موزونيت کان بنهه ڪري پيو آهي ۽ اڪثر لفظن جي بيهڪ کي گهٽ وڌ ڪري ٿو، پر ياد رکڻ گهرجي ته اها شاعريءَ جي ابتدائي حالت آهي، جنهن ۾ سڀئي مشهور زبانن جا استاد ائين ڪندا هئا“.

”مرزا قليچ مرحوم جو فقيريءَ ڏي گهڻو لاڙو ڏسجي ٿو. نهٺائي، نوڙت ۽ خلق سندس ڪلام مان پڌرو آهي. صوفياڻي مزاج رکڻ ڪري فقيري سندس هر هڪ شعر مان پڌري پسجي ٿي.“

مٿي مختصراً ڪجهه مضمونن جي ڪتابن جو جائزو ڏنو ويو آهي، ٻيا به گهڻائي ڪتاب مضمونن ۽ مقالن جا لکيا ويا آهن چند اهم ڪتابن ۽ مصنفن جا نالا هن ريت آهن:

”ڦول ڦليل“ ديوان ڏيارام، ”چونڊ سنڌي نثر ۽ نظم (ترتيب) ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، ”ادبي غنچو“ رام پنجواڻي، ”هيري جون ڪڻيون ساڌو هيرانند، ”ويچار“ لال سنگهه اجواڻي، ”گلزار نثر“ ڀيرو مل مهرچند، ”جوهر نثر“ منگهارام واسواڻي، ”ادبي تحفو“ خانبهادر محمد صديق ميمڻ، ”ادبي گلشن“ نارائڻ داس ملڪاڻي، ”چونڊ نثر ۽ نظم“ غلام محمد شاهواڻي، ”چڻنگون“ تيرٿ وسنت، ”گلزار نثر ۽ نظم“ محمد صديق مسافر، ”ڦلن مٺ“ لال چند امر ڏنو مل، ”ورق“، گوبند ڀاٽيا، ”پنگتي انقلاب“ ديوان واڌو مل، ”ثمر حيات“ پروفيسر عطا محمد حامي، ”ڪلاڪار جي دنيا“ پروفيسر خوشي رام، ”خيال خاطر“، سنڌي سٻاجهڙا“ اسماعيل عرساڻي، ”ويچار“ هرمل سدارنگاڻي، ”ڳالهه ٻولهه“ گرداس واڌواڻي، ”هرڻ هٺيلا بيٺا سوچن رسول بخش پليجو، ”سڏن مٿي سڏڙا“ علي احمد بروهي، ”چار مقالا“ اسماعيل عرساڻي، ”رتيءَ جي رهاڻ“، پلئه پايو سچ“ علي نواز وفائي، ”سنڌي شعر جي ڪسوٽي“ ڪماري ڪيسواڻي، ”مضمون ۽ مقالا“ علامه عمر بند محمد دائودپوٽو، ”ڪٺمال“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”ورهاڱي جو ورجاءُ“ ماهتاب محبوب، ”نرتي تند نياز سين“، ”مقالا“ (بين الاقوامي ڪانفرنس 1988ع جا مقالا) سهڙيندڙ: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو، ”شاهه لطيف جي شاعري“ ڊاڪٽر تنوير عباسي، ”مون مطالع سپرين“ ڊاڪٽر اياز قادري، ”عورت سماج ۽ ڏاڍ“ پروفيسر تنوير جوڻيجو، ”ڇڻن ڇُڻڪن چت ۾“، ”ٻولي منهنجي ماءُ“ پوپٽي هيرا ننداڻي، ”ادبي اهڃاڻ“ ڊاڪٽر خورشيد عباسي، ”پائي پٽ ڪڻا“ ڊاڪٽر نور افروز خواجا، ”لهرون لهرون لفظ“ سعيده بشير چانڊيو، ”وکر سو وِهاءِ“، ”اٿي رائو ريل“ پروين موسيٰ ميمڻ ۽ ٻين ليکڪن جا  ڪتاب آهن.

 

اي پيپر