مضمون نويسي/ مقاله نگاريءَ جو تحقيقي جائزو

February 6, 2017 at 7:31 am

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

(حصو ٻيو)

سنڌي ٻوليءَ ۾ مضمون لکجڻ ڪڏهن کان شروع ٿيا ۽ مضمونن جي شروعات طبعزاد مضمونن سان ٿي يا ترجمن سان؟ انهيءَ لاءِ اردو ٻوليءَ جي حوالي سان ذڪر ڪنداسين، ڇو ته اردو ۽ سنڌي ٻولين ۾ مضمون جي صنف تقريبن گڏ گڏ 19 صديءَ جي آخر کان شروع ٿي آهي. اردو ٻوليءَ ۾ مضمون نويسيءَ کي ”مضمون نگاري“ ۽ گهڻو ڪري ”انشا پردازي“ سڏجي ٿو. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ”انشا پردازي“ جي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته،

”اڳئين زماني ۾ فارسي زبان ۾ انشا پردازيءَ جو گهڻو رواج هو. قابل تعليم يافته انشا پردازيءَ ۾ وڏو نالو ڪڍندا هئا. قابل انشا پرداز کي ”منشي“ سڏيو ويندو هو. هو فارسيءَ ۾ مضمون لکندا هئا. ڄڻ موتي ويهي پوئيندا هئا ۽ اهي هر ڪنهن موضوع لکڻ تي قادر هوندا هئا ۽ ان وقت اصطلاحي طور سهڻي عبارت ۾ لکيل خطن جي مجموعي کي ”انشا“ سڏيو ويندو هو، ”انشاءَ ابوالفضل“ فارسيءَ ۾ ابو الفضل جي لکيل خطن جو مجموعو آهي، جيڪو وڏي درجي جو ڪتاب آهي ۽ اڃان به اهڙي ئي مجموعي کي ”انشا“ سڏجي ٿو.“

اڳيان اهو به ڄاڻايو اٿن ته ”انشا پردازي فقط خطن جي مضمونن تائين محدود نه آهي پر اها مضمون نويسيءَ جي اهڙي قابليت آهي، جو صرف، نحو، فصاحت ۽ بلاغت ۾ بلڪل ڪامل ۽ مڪمل هجي.“

اردو ٻوليءَ ۾ انشائيه جو لفظ فارسيءَ مان آيل ٿو ڀانئجي ته به اهو بلڪل واضح آهي ته ننڍي کنڊ جي مقامي ٻولين هندي، بنگالي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ انگريزي ٻوليءَ جي مضمون نگارن جيئن ڊرائيڊن، ايڊيسن، جانسن، گولڊ سمٿ، ڪارلائيل، اسڪن، ليمب، ميٿيو آرنلڊ ۽ ٻين جي مطالعي سان جديد مضمون نويسي شروع ٿي. اردو ٻوليءَ ۾ مضمون نويسيءَ جي شروعات تقريبن 19 صديءَ جي آخر ۾ ٿي آهي. سر سيد احمد خان جا مضمون اوائلي شمار ڪيا وڃن ٿا. سندن ”تهذيب اخلاق“ اردو انشاپردازيءَ ۾ پيڙهه جي پٿر جي حيثيت رکي ٿو. محمد حسين آزاد جي ”نيرنگ خيال“ ۾ منفرد مضمون ملن ٿا. ان کانسواءِ علامه سيد سليمان ندوي، عبدالحليم شر، ڊاڪٽر وزير آغا، ڊپٽي نذير احمد، خواجه حسن نظامي، منشي پريم چند، مولوي عبدالحق، مرزا فرحت الله بيگ ۽ ٻين شروع دور ۾ مضمون لکيا.

سنڌي مضمون نويسيءَ جي شروعات به لڳ ڀڳ 19 صديءَ جي آخر ۾ ٿي آهي. 1853ع ۾ عربي سنڌي آئيويٽا مقرر ٿيڻ کانپوءِ جلد ئي ادب جون مختلف صنفون تحريري طور ميدان ۾ آيون، جن ۾ مضمون نويسيءَ کي هٿي اخبار نويسيءَ جي معرفت ملي.

”جيئن ادب جون ٻيون شاخون گهڻو ڪري ڌرمي ۽ اخلاقي لکين سان شروع ٿين ٿين، تيئن سنڌي مضمونن جي شروعات به ڌرمي، اخلاقي ۽ سماجي ڪتابن سان ٿي، جن ۾ لکندڙن پنهنجا رايا ۽ خيال ڏيئي پنهنجي دماغي شخصيت ظاهر ڪئي. اهڙو پهريون ڪتاب سماج سڌاري جو هو. ديوان ڪوڙي مل جو ”پڪو پهه“ (1862 ڌاري) ۾.“

”پڪ پهه“ ڪتابڙي ۾ ”علم سکڻ جي ضرورت“ عنوان سان ڊگهو مضمون ڇپيو ۽ هيءُ ڪتابڙو جديد سنڌي مضمون نويسيءَ جي شروعات شمار ٿئي ٿو. پوءِ هڪدم ڪيترين ئي اخبارن جيئن ”سنڌ سڌار“، ”معين الاسلام“، ”پرڀات“، ”جوت“، ”سرسوتي“، ”اخبار تعليم“، ”ڀارت واسي“، ”روح رهاڻ“، ”هيت الامين“، ”الوحيد“، ”الجامع“، (رسالو)، ”بهارِ اخلاق“، ”مسلمان“، ”مسافر“، ”معاون“، ”نور الاسلام“، ”توحيد“، ”سنڌ“، ”مسلني“، ”مهراڻ“ ۽ ٻين مخزنن معرفت انيڪ مضمون ڇپيا، جن اخبارن جا منتظم پڻ مضمون نويس هئا، انهن ڇپيل مضمونن کي مجموعن جي شڪل ۾ آندو ۽ ٻيا به مجموعا ڇپيا، جن ۾ ”گل ڦل“، ”ادبي آئينو“ ”ادبي غنچو“، ”ڳوٺاڻي چهر“، ”ادبي گلشن“، ”سنڌو“، ”گهرو علاج“، ”گلشن بهار“، ”ورق“، ”گلزار چنبيلي“، ”تهذيب اخلاق“، ”مقالات الحڪمت“، ”تيرهن ڄار مڪرن جا مار“، ”ڦول مالا“، ”ثمر حيات“، ”چڻنگون،، ”ڪچ ڪوڏيون“ وغيره. ”مقالات الحڪمت“ مضمونن جو پهريون مجموعو شمار ٿئي ٿو، جيڪو 1888ع ۾ مرزا قليچ بيگ فرانسز بيڪن جي ڪتاب ”بيڪنز ايسيز“ تان ترجمو ڪيو.

1974ع کان اڳ جي مضمون نگارن ۾ مرزا قليچ بيگ، ديوان ڏيارام گدو مل، ڏيارام منشا اماڻي،، ليکراج ڪشنچند عزيز، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، ديوان ڪوڙو مل، محمد هاشم مخلص، شمس الدين بلبل، ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، عثمان علي انصاري، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، علي خان ابڙو، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، مولوي دين محمد وفائي، پير علي محمد راشدي، رام پنجواڻي، هرو مل سدارنگاڻي، ميران محمد شاهه، پرمانند ميوارام، آغا تاج محمد خان، پروفيسر عطا محمد حامي، لال سنگهه اجواڻي، لالچند امر ڏنو مل، تولارام ٻالاني، صاحب سنگهه چندا سنگهه شاهاڻي، ڊاڪٽر گربخشاني، ميلا رام واسواڻي، نارائڻ داس ملڪاڻي، نماڻو، ڊاڪٽر هرنامداس، گوبند ڀاٽيا، پروفيسر ڀمڀاڻي، غلام محمد شاهواڻي، منوهرداس، ڪوڙو مل، نگهارام مڪاڻي، مير محمد نظاماڻي، مرزا صادق علي بيگ، الهبچايو يار محمد سمون، عطا حسين شاهه موسوي، محمد صديق مسافر، ڀڳوان تولاڻي، علي احمد بروهي، ايم آر مائيداساڻي، ڏيارام وسڻمل، منگهارام وسواڻي، پروفيسر خوشي رام، علي نواز وفائي ۽ ٻيا هئا.

1947ع کانپوءِ به مضمون نويسيءَ جو فن جاري ۽ ساري رهيو. ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون ڇپبا رهيا پر ڪتابي صورت ۾ گهٽ آيا ۽ هن دور ۾ مضمون نويسيءَ کان وڌيڪ مقاله نگاريءَ جو رجحان وڌي ويو. 1950ع کانپوءِ مقالاتي ادب ۾ گهڻي ترقي ٿي. جڏهن کان سنڌي ادب جي سڃاڻن لکيل علم ۽ ادب جي پرک شروع ڪئي، تڏهن کان تحقيق ۽ تنقيد جا رجحان شروع ٿيا. 1875ع ۾ سيد فاضل شاهه ”ميزان الشعراءَ“ لکيو. ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جي رسالي تي تحقيق ڪري سندس سوانح ۽ فن جي باري ۾ ”مقدمه لطيفي“ لکيو، جنهن جي جواب ۾ محمد بخش واصف ”شرح لطيفي“ لکيو. اهڙيءَ ريت تنقيدي ۽ تحقيقي لکڻين کي اهميت ملي ۽ انيڪ ڪتاب تحقيق ۽ تنقيد، تاريخ، لسانيات، لطيفيات ۽ ٻين موضوعن تي تجزياتي نموني لکجڻ ۾ آيا. ڪيترائي تحقيقي مقالا يونيورسٽين جي سنڌي شعبن ۾ منظور ٿيا آهن. ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي کان علاوه ايم اي فائنل جا مونو گراف به تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم ۾ شامل آهن. ان کانسواءِ ٻيا به ڪافي ڪتاب هن ڏس ۾ لکيا ويا آهن.

موجوده وقت هن ليک جي نسبت سان انهن مقالن کي موضوع جي دائري ۾ آڻجي ٿو، جيڪي مضمون جيان مناسب طوالت جا آهن ۽ مختلف اخبارن، مخزنن ۽ مقالن جي مجموعن جي صورت ۾ شايع ٿيا آهن. مثال طور فقط شاعريءَ ۾ ڇپيل مقالن کي ڏسنداسين ته ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ ان جا رجحانات“ غلام محمد گرامي“، ”سنڌي شاعريءَ جو اڀياس“، ”سنڌي آزاد نظم جي اوسر“ شمشير الحيدري، ”جديد سنڌي شاعري“ ڊاڪٽر تنوير عباسي، ”سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جو لاڳاپو“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”سنڌ ۾ هندي شاعري“، ”ڪبت نثر آهي يا نظم“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”سومرن جي دور ۾ سنڌي شاعري“، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ٻيا ڪيترا شاعريءَ جي موضوع تي مقالا آهن، جن جو تعداد سون ۾ ٿيندو.

فقط لطيفيات ۾ لکيل مقالن کي ڏسنداسين ته اهي پڻ بي حساب آهن جيئن: ”شاهه جي شاعريءَ جي خوبين تي ڪٺو ويچار“ لال چند امر ڏنو مل، ”شاهه جي سنڌڙيءَ جي تهذيبي اهميت“ جي ايم سيد، ”شاهه جي صفويانه شاعري“، ڊاڪٽر دائودپوٽو، ”شاهه لطيف سنڌي قوم جو رهبر اعظم“، محمد ابراهيم جويو، ”هالن جا مخدوم صاحب ۽ ڀٽائي“، مخدوم طالب الموليٰ، ”شاهه جو پيغام هر دور لاءِ“ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ”شاهه جو بڻ بنياد“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”شاهه لطيف عزم ۽ استقلال جو داعي“، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ”لاکيڻي لطيف جي ڪلام ۾ اقتصادي تعليم جا اهڃاڻ“، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ”مفتي منجهه ويهار“، ”شاهه جو رسالو ۽ قرآن پاڪ“ ڊاڪٽر خالد، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ رنگن جو اڀياس“، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سماجي ۽ اخلاقي قدر“ ڊاڪٽر تنوير عباسي، ”شاهه جا پهاڪا، ڊاڪٽر اياز قادري“، شاهه جي بيتن جي تلاش“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”رسالي جي ڪهاڻين جو فني ۽ فڪري جائزو“، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ”سر ليلان چنيسر جو معنوي مفهوم“ الحاج رحيم بخش قمر، ”سر ليلان چنيسر جو روحاني راز“ پروفيسر عنايت الله زنگيجو، ”شاهه جي ڪلام ۾ اخلاق جو اڀياس“ ڊاڪٽر نسرين لطيف، ”شاهه جا سورما“ معمور يوسفاڻي، ”سر رامڪليءَ ۾ تاريخي اهڃاڻ، ”ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ”ڀنيءَ ٿيون ڀڙڪ“ محمد حسين ڪاشف، ”شاهه جي ڪلام ۾ حسن ۽ جمال“ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ”عاشق اهڙين اکرين لنگهيا لامڪان“ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، ”شاهه عبداللطيف ۽ ڪلام تصوف“ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، ”شاهه لطيف هڪ سماجي مفڪر“ ڊاڪٽر درشهوار سيد، ”شاهه لطيف هڪ سماجي مفڪر“، ڊاڪٽر فهميده حسين، ”سر سورٺ جي ڪردار جو جائزو“ ڊاڪٽر نور افروز خواجه، ”مٿي مارڳ ماڪ“ ڊاڪٽر سحر امداد، ”سورٺ سنڌ جي عورت جو المياتي ڪردار“ ڊاڪٽر تهمينه مفتي ۽ ٻيا ڪيترائي لطيفيات جا مقالا آهن.         (هلندڙ)

اي پيپر