مصطفيٰ ڪمال کي سنڌ سرڪار خلاف اداڪاري مهانگي پئجي وئي، ڪيس داخل

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ): پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال کي سنڌ سرڪار خلاف اداڪاري مهانگي پئجي وئي، سي ايم هائوس طرف ملين مارچ تي مصطفيٰ ڪمال، انيس قائمخاني، اشفاق منگي، رضا هارون ۽ ٻين خلاف صدر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڏڦيڙ، رستو روڪڻ ۽ پوليس مقابلي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن، آچر ڏهاڙي پي ايس پي طرفان مصطفيٰ ڪمال جي اڳواڻي ۾ سي ايم هائوس طرف ملين مارچ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن دوران پوليس سان چڪريون ٿي پيون، پوليس مصطفيٰ ڪمال سميت پ پ ايس پي جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي گرفتار پڻ ڪيو، جن کي صوبائي وزير ناصر شاهه جي مداخلت بعد آزاد ڪيو ويو، پوليس، پاڪ سرزمين پارٽي جي اڳواڻن خلاف سرڪاري ڪم ۾ مداخل تي صدر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو، ڪيس ۾ مصطفيٰ ڪمال، انيس قائمخاني، اشفاق منگي، رضا هارون، آفاق احمد ۽ انيس ايڊووڪيٽ سميت 11 اڳواڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي، پي ايس پي قيادت خلاف ڪيس ڏڦيڙ، رستا روڪڻ ۽ پوليس مقابلي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *