ڪراچي: (م ڊ) صوبائي صلاحڪار مرتصيٰ وهاب ميئر ڪراچي وسيم اختر کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سندس نيت مسئلو حل ڪرڻ جي نه آهي، کيس ڊرامي بازي بند ڪرڻ گهرجي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي شهر ۾ ڪجهه ڏينهن کان سياسي ڊرامي بازي هلي رهي آهي، ميئر ڪراچي هڪ سال کان اختيار نهجڻ تي روئي رهيو آهي، هي اشو وسيلن ۽ اختيارن جو نه، پر نيت جو آهي. ڪراچي جا مسئلا حل ٿي وڃن ته ڪير به پوائنٽ اسڪورنگ نٿو ڪري سگهي. ڪراچي ۾ نالن جي صفائي ميئر جي ڪي ايم سي جي ذميواري آهي ۽ ٻيو ڪوبه مداخلت نٿو ڪري سگهي، رڳو نالن جي مد ۾ 55 ڪروڙ ۽ ٽن سالن دوران 41 ارب رُپيا ڏنا آهن.مصطفيٰ ڪمال ڪراچي ۾ مسئلن جي نشاندهي ڪئي ۽ ميئر وسيم اختر کي وائکو ڪري ڇڏيو. صوبائي صلاحڪار جو چوڻ هو ته ميئر ڪراچي وسيم اختر گذريل ڏينهن مصطفيٰ ڪمال جي مقرريءَ جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، اڄ وري يوٽرن ورتو ويو. ڪراچي واسين سان ڪيستائين مذاق ڪيو ويندو، ميئر ڪراچي کي اها ڊرامي بازي ختم ڪري استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. سندس نيت مسئلا حل ڪرڻ جي نه آهي.