اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته پاڪستان ڪورونا وائرس کي روڪڻ لاءِ چين پاران مدد ڪرڻ تي سندن ٿورائتا آهيون.اسلام آباد ۾ ڪورونا جي وبا تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مدد لاءِ ايندڙ چيني ماهرن کي بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته ڪورونا وائرس جي خلاف چيني حڪومت جي قدمن مان متاثر آهيون. چيني حڪومت ڪورونا وائرس جي خلاف فوري طور تي قدم کنيا. فوري طور تي قدم نه کنيا وڃن ها ته چين ۾ وڌيڪ نقصان ٿئي ها.چين 60 ملين ماڻهن کي قرنطينه ۾ رکي تاريخ لکي ڇڏي. چين پنهنجي ملڪ کان ٻاهر ويندڙن جي مڪمل اسڪريننگ ڪئي. دنيا کي ڪورونا وائرس جي خلاف چين جي قدمن مان سکڻو پوندو. ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا 1560 ڪيس آهن. پاڪستان ۾ چين مان ڪورونا وائرس جو ڪوبه مريض ناهي آيو. چين مان پاڪستان ايندڙ ماڻهو 14 ڏينهن قرنطينه ۾ رهيا.حڪومت چين مان پاڪستاني شاگردن کي واپس نه آڻڻ جو مشڪل فيصلو ڪيو. چيني حڪومت پاڪستاني شاگردن جو خاص خيال رکيو. ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته چين پريشانين جي باوجود پاڪستان جو ساٿ ڏنو. چين جي طبي عملي جو پاڪستان اچڻ بهتر قدم آهي.مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏيڻ تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام چين جي ٿورائتي آهي. چين جي طبي عملي کي پاڪستان ۾ خوش آمديد چئون ٿا. چيني وفد ۽ امداد مان فائدو کڻنداسين.