مشڪل فيصلن باوجود عوام سنڌ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي: ناصر حسين شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات، بلديات ، مذهبي معاملن  ۽ جھنگلات ۽ جھنگلي جيوت واري وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو آھي ته چيو آهي ته اڄڪلھ سوشل ميڊيا تي تاجر اڳواڻن ۽ وزير اعلي سنڌ ۽ ان خلاف جيڪي بيان ھلي رھيا آھن ان جو حقيقت سان ڪو به تعلق نه آهي ۽ اھڙي قسم جي مھم سنڌ حڪومت جي خلاف ھڪ سازش جي تحت ھلائي پئي وڃي،  جنھن جو مقصد صوبي ۾ انتشار ڦهلائڻ آهي. ھن چيو ته اھڙي قسمن جي بيانن جي تاجر اڳواڻن پڻ ترديد ڪئي آهي ۽ انھن بہ ھنن بيانن کي ھڪ سازش قرار ڏنو آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته شرپسند عنصرن کي سنڌ حڪومت جي عوام دوست پاليسي پسند نه اچي رھي آھي ، ان لاء اھي اھڙي قسم جون مذموم حرڪتون ڪري رهيا آهن ڇو ته  انھن کي عوام جي جان جي ڪا به پرواھ نه آهي ۽ انھن جو مقصد ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ان سلسلي۾ ايف آئي اي سائيبر ڪرائيم سرڪل کي خط لکيو آهي ته ھو ان قسم جي عنصرن جيڪي ڪوڙي ۽ من گھڙت ۽ بي بنياد خبرون ۽ آڊيو ڦھلائي رھيا آھن  انھن کي بي نقاب ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي. سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ان بيماري کان بچاءَ لاءِ سنڌ حڪومت ھر اھو قدم کڻندي جيڪو عوام جي صحت لاءِ ضروري ھوندو. ان بيماري کان بچاءَ جي ھڪ ئي صورت آهي ته احتياط ڪيو وڃي ۽ مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو وڃي ۽ غير ضروري گھرن کان ٻاهر نه نڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. ھن چيو ته اسين سڀ گڏجي ھڪٻئي جي سھڪار ڪرڻ سان ئي ان وبا تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *