مشعال جو ٽيجهو، وڌيڪ 7 جوابدار گرفتار، احتجاج جاري

مردان (م ڊ) مردان جي عبدالولي خان يونيورسٽي ۾ قتل ڪيل شاگرد مشعال خان جي ڪيس ۾ نامزد وڌيڪ 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان سندن هڪ ڏينهن جو رمانڊ حاصل ڪيو ويو. پوليس جوابدارن جي گرفتاريلاءِ ڇاپا هڻي وڌيڪ 7 جوابدارن کي گرفتار ڪيو. جڏهن ته مقتول شاگرد جو ٽيجهو ٿي گذريو. جنهن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ڊي پي او مردان ٻڌايو ته سي سي ٽي وي فوٽيج ذريعي جيترن ماڻهن جي نشاندهي ٿيندي انهن جا نالا ايف آءِ آر ۾ داخل ڪنداسين. ملزمن جي انگ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. وڌيڪ 11 جوابدارن جي نشاندهي ٿي آهي. هڪ اکين ڏٺي شاهد ٻڌايو ته مشعال تي حملو ڪندڙ ڪٿان آيا ڪا خبر ناهي. هو سيڙهين تان ڪري پيو ته پاڻي گهري رهيو هو ۽ چوندو رهيو ته مون کي اسپتال کڻي وڃو. مڇريل هجوم هاسٽل جو گيٽ ٽوڙي کيس ماريو. جڏهن ته آءِ جي ڪي پي ڪي صلاح الدين محسود جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو. جنهن ۾ مشعال قتل ڪيس تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. مشعال خان جي فيس بوڪ اڪائونٽ جي تصديق لاءِ ايف آءِ اي کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هوڏانهن پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر صوابي پهچي مقتول شاگرد مشعال جي والد سان عذرخواهي ڪئي. هن چيو ته مذهبي دهشتگردي جي مذمت ڪريون ٿا. ڪريل حرڪت پٺيان جيڪو به ملوث آهي انهن کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. جڏهن ته صوابي ۾ مشعال خان جي گهر کان زيدا بازار تائين ريلي ڪڍي وئي. جنهن ۾ مشعال خان مظلوم هو جا نعرا هنيا ويا. حيدرآباد ۾ به سول  سوسائٽي احتجاج ڪيو. 0229

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *