مشرف کي موت جي سزا واري فيصلي ۾ لاش گهلڻ ۽ ٽنگڻ وارا ريمارڪس سُپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي آمر پرويز مشرف کي موت جي سزا ڏيڻ واري فيصلي ۾ لاش کي گهلڻ ۽ ٽنگڻ وارن ريمارڪس کي سُپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي. سُپريم ڪورٽ ۾ سماجي ڪارڪن اقبال ڪاظمي درخواست داخل ڪرائي، جنهن ۾ هُن مشرف کي موت جي سزا ٻڌائڻ واري خصوصي عدالت جي فيصلي ۾ لاش کي گهلي ڊي چوڪ تي ٽنگڻ وارن ريمارڪس کي چئلينج ڪيو آهي. درخواست ۾ سنگين غداري ڪيس ۾ خصوصي عدالت جي جوڙجڪ کي قانون جي اُبتڙ قرار ڏيڻ جي استدعا ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مشرف خلاف ڪيس م خصوصي عدالت جي اختياري دائري جو آئين ۽ قانون موجب جائزو ورتو وڃي. ڇاڪاڻ جو خصوصي عدالت جي فيصلي سان ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ بحران جي ڪيفيت پيدا ٿي وئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *