مشرف کي متبادل طريقي سان بيان رڪارڊ ڪرائڻ تي اعتراض آهي ته لکت طور ٻڌائي: عدالت

اسلام آباد (اين اين آءِ) خاص عدالت ۾ غداري ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت حڪم ڏنو آهي ته پرويز مشرف کي جيڪڏهن متبادل طريقي سان بيان رڪارڊ ڪرائڻ تي اعتراض آهي ته ان بابت لکت طور آگاهه ڪيو وڃي اڱاري تي جسٽس ياور علي جي سربراهي ۾ ٻن ميمبرن واري خاص بئنچ پرويز مشرف غداري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته مشرف واپسي لاءِ خاطري ڪرائي هئي جنهن تي مشرف جي وڪيل جواب ڏنو ته هاڻي ته واپس نه پيو اچي انٽرپول به انڪار ڪري ڇڏيو آهي جنهن تي سرڪاري وڪيل اعتراض ڪيو ته مشرف جي ذاتي موجودگي هئڻ گهرجي جيڪڏهن مشرف نٿو اچي ته قانون پاڻ رستو ٺاهندو جسٽس ياور علي ريمارڪس ڏنا ته هاڻي ته مشرف جي وطن واپسي جو معاملو سپريم ڪورٽ اٿاريو آهي جنهن تي پرويز مشرف جي وڪيل چيو ته غير موجودگي جو مطلب اهو نه آهي ته مشرف اچڻ نٿو اچي هو اچي وڃي ها پر ميڊيڪل اشو آهي مشرف جي وڪيل جو چوڻ هو ته مشرف جو هن ڪيس ۾ بيان رڪارڊ ٿيڻ لازمي اهي مان سمجهان ٿو ته مشرف جو اچڻ ضروري اهي پر بيماري جي ڪري هو نٿو اچي سگهي وڪيل مطابق عدالت بينظير ڀٽو ڪيس به اسڪائپ جي ذريعي بيان رڪارڊ ڪري چڪي آهي جڏهن ته بينظير جي قتل ڪيس ۾ گواهه مارڪ سهگل جو بيان به اسڪائپ جي ذريعي رڪارڊ ٿيو هو جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان چاهيو ٿا ته مشرف جو بيان اسڪائپ ذريعي رڪارڊ ڪيو وڃي جنهن تي پرويز مشرف جي وڪيل چيو ته مون کي مشرف کان هدايتون وٺڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي ان لاءِ مون کي 3 هفتا گهرجن جسٽس ياور علي ريمارڪس ڏنا ته ايترو وقت نٿا ڏيئي سگهون ايندڙ ٻڌني تي ٻڌايو ته مشرف جو 342 جو بيان رڪارڊ ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن مشرف متبادل طريقي سان بيان رڪارڊ نٿو ڪرائڻ چاهي ته آگاهه ڪري جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته مون کي مشرف کان پڇا ڪرڻي پوندي ته ڇا هو اسڪائپ جي ذريعي بيان رڪارڊ ڪرائي سگهي ٿو مون کي موقعو ڏيو ته مشرف کان پڇي وٺا جسٽس ياور علي ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن اسڪائپ جي ذريعي بيان رڪارڊ تي اعتراض آهي ته لکت طور سومر تائين عدالت کي آگاهه ڪيو جنهن کان پوءِ ٻڌڻي 15 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي ويئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *