مشتاق رئيساڻي نيب کي اهڙي ڪهڙي آڇ ڪئي جو پلي بارگين ڪئي:سپريم ڪورٽ

February 3, 2017 at 12:48 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته مشتاق رئيساڻي اهڙي ڪهڙي آڇ ڪئي جو نيب پلي بارگين ڪئي، اسان ان معاملي کي پلي بارگين نه پر بارگين چوندا آهيون ۽ اهو ته نيب چيئرمين خلاف ڪارروائي جي لاءِ  بهترين ڪيس بڻي ٿو. عدالت نيب کان ڇاپي جي ويڊيو ۽ تفصيل به طلب ڪري ورتا آهن. خالد لانگو جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي جسٽس دوست محمد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت چيئرمين نيب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس فائز عيسيٰ  ريمارڪس ڏنا ته نيب چيئرمين خلاف ڪارروائي اهو ڪيس بهترين بڻي ٿو. جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته وضاحت ڪيو ته ڪهڙي قانون تحت پلي بارگين ڪئي، سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل دستاويزن ۾ پلي بارگين جو ڪو به خاص سبب سامهون ناهي آيو.

اي پيپر