مشال قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ پشاور هاءِ ڪورٽ کي جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ مشال قتل ڪيس ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ کي جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ کان روڪيندي پاڻ معاملي جي نگراني جو فيصلو ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ مشال قتل ڪيس پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٿي. ان موقعي تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي وقار بلور  عدالت کي ٻڌايو ته واقعي ۾ 28 جوابدار نامزد آهن جن مان 24 کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻيا 4 گرفتار ٿي ويندا. هن ٻڌايو ته ايس پي انويسٽي گيشن جي سربراهي ۾ هڪ جاچ ٽيم به جوڙي وئي آهي ۽ معاملي جي ايمانداري سان جاچ جاري آهي. عدالت ايڊيشنل ايڊووڪيت کان پڇاڻو ڪيو ته جاچ ۾ آءِ ايس آءِ جي ماڻهن کي شامل ڪيو ويو آهي، جنهن تي ٻڌايو ويو ته آءِ ايس آءِ جي ماڻهن کي ته شامل ناهي ڪيو ويو پر آءِ بي جي ماڻهن جي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جنهن عمر عطابنديال ريمارڪس ڏنا ته ان واقعي ۾ اهو ڄاڻڻ جي ضرورت آهي ته ان قتل جي پويان شاگردن کان سواءِ ڪهڙا ماڻهو ملوث آهن ۽ اهو واقعو ڇو پيش آيو، ان جي ڪري ان ۾ حڪومت کي انٽيليجنس جي ضرورت پوندي ان ڪري لاڳاپيل ماڻهن کي شامل ڪيو وڃي. عدالت پشاور هاءِ ڪورٽ کي مشال قتل ڪيس جي واقعي ۾ جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ کان روڪيندي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کان ڪميشن بڻائڻ بابت رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 27 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *