مردان(اين اين آءِ) مشال قتل ڪيس جي ٻن اهم جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، ڊي پي او موجب هڪ جوابدار بلال بخش هجوم کي مڇرايو ۽ قتل جو نعرو هنيو ۽ ٻئي جوابدار لاش جي بي حرمتي ڪئي، قتل جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جو انگ 34 ٿي ويو آهي، قتل ۾ پوليس وڊيو جي مدد سان جوابدارن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ڊي پي او نجي ٽي وي کي ٻڌايو ته ان ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن ۾ بلال بخش ۽ عامر شامل آهن، جوابدار بلال يونيورسٽي ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر آهي، جوابدار عامر يونيورسٽي جو شاگرد ۽ تنگي جو رهواسي آهي، هن لاش جي بي حرمتي ڪئي، 8 جوابدارن جو 4 ڏينهن جسماني رمانڊ ختم ٿيڻ تي انهن کي اڄ سومر تي اي ٽي سي مردان ۾ پيش ڪيو ويندو، مشال ڪيس ۾ 24 جوابدار جيل ۾ آهن.