مشال خان قتل ڪيس کي پاڪستان ۾ مثال بڻائينداسين: عمران خان
April 18, 2017 at 8:23 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
صوابي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان مشال خان جي والد سان سندس گهر وڃي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته مشال خان قتل ڪيس پاڪستان ۾ مثال بڻائينداسين، ذميوار ڪنهن به پارٽي سان هجن سزا ضرور ڏيارينداسين.پي ٽي آءِ سربراهه عمران ان مردان ۾ عبدالولي خان يونيورسٽي ۾ شاگردن جي تشدد ۾ فوت ٿيل شاگرد مشال خان جي گهر پهتو ۽ هن سندس والد سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مشال خان قتل ڪيس ۾ ڪنهن کان پوئتي نه هٽنداسين، مشال کي هڪ سازش تحت قتل ڪيو ويو ۽ ثابت ٿي ويو ته ان جو قتل توهين مذهب نه هو. عمران خان وڌيڪ چيو ته ان قتل ۾ ملوث ماڻهو ڀلي پارٽي، مذهبي يا سياسي هجن انهن کي سزا ڏيارينداسين. اهڙو سلوڪ هڪ جانور سان به ناهي ٿيندو جهڙو انسانن سان ڪيو ويندو آهي.