اسلام آباد (بيورو)پنهنجي خط ۾ وزيراعظم عمران خان توهين رسالت ۽ اسلامو فوبيا خلاف متحد هجڻ جي اپيل ڪئي ۽ چيو وقت جو تقاضو آهي ته متحد ٿي دنيا کي واضح پيغام پهچايون.وزيراعظم لکيو آهي ته گستاخ خاڪن خلاف يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو، اولهه دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي لهر وڌندي نظر اچي رهي آهي، اڄ اسان مسلم امت ۾ وڌندڙ ڻتي ۽ بيچيني کي منهن ڏئي رهيا آهيون، اولهه دنيا کي ٻڌائڻو پوندو ته ان گستاخي جي ڪري اسان ڪيترا ڏکارا آهيون.واضح رهي ته فرانس ۾ حڪومتي سرپرستي ۾ گستاخ خاڪن جي اشاعت ۽ ان جي حق ۾ فرانسيسي صدر جي بيان کانپوءِ سڄي دنيا ۾ فرانس خلاف احتجاج جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ مسلم ملڪن ۾ فرانس جي شين جو بائيڪاٽ ڪيو پيو وڃي.وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پهريون ڀيرو ملڪ ۾ ميرٽ تي احتساب ٿي رهيو آهي، ننڍيون ننڍيون مافيائون ويٺيون آهن، جيڪي تبديلي ۾ رنڊڪ پيون بڻجن.لاهور ۾ انصاف ڊاڪٽرز فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جون جي وچ ۾ اسپتالن تي بار هو، ڊاڪٽرن ۽ نرسن ڏکئي وقت کي منهن ڏنو، ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ جو خدشو آهي ۽ ايندڙ ٻه مهينا احتياط سان گهارڻا پوندا، پاڪستان جي سرڪاري اسپتالن جو معيار ڪِرندو پيو وڃي ۽ معيار ڪرڻ جو سبب نيشنلائيزيشن آهي.هن چيو ته اسپتالن ۾ سڌارن جي ضرورت آهي، چاهيان ٿو ته اسپتالن ۾ ميرٽ تي سليڪشن ٿئي، سڀني سرڪاري اسپتالن ۾ سڌارا آڻينداسين، سڌارا آهستي آهستي ايندا.سندس چوڻ هو ته ننڍيون ننڍيون مافيائون تبديلي ۾ رنڊڪ بڻجي رهيون آهن، جن جا مفاد متاثر ٿيندا، اهي سولائي سان تبديلي اچڻ نه ڏيندا، اسپتالن ۾ به اهڙا ماڻهو هئا، جيڪي تبديلي ۾ رنڊڪ هئا پر تبديلي آئي.وزيراعظم چيو ته پهريون ڀيرو ملڪ ۾ ميرٽ تي احتساب ٿي رهيو آهي، انهن کي خبر آ ته مان بليڪ ميل نه ٿيندس، اهڙو وزيراعظم آيو آهي جو جيڪو وڻيوَ ڪيو احتساب ٿيڻو ئي آهي، هي پاڪستان لاءِ فيصلائتو وقت آهي.وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمورا ڪرپٽ ماڻهو اسٽيج تي بيهِي واويلا ڪري رهيا آهن، هي پاڪستان لاءِ فيصلائتو وقت آهي، 30 سالن کان وارا وٺندڙ اڄ گڏجي ويا آهن، پهريون ڀيرو ملڪ ۾ ميرٽ تي احتساب ٿي رهيو آهي، هنن کي خبر آهي ته آئون بليڪ ميل نه ٿيندس ۽ سڀني جو احتساب ضرور ٿيندو: وزيراعظم عمران خان اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پهريون ڀيرو هُنن کي نظر اچي رهيو آهي ته چوري ۽ غداري تي به احتساب ٿي رهيو آهي، ڪرپٽ نظام مان فائدو وٺندڙ مافيا سولائِي سان تبديلي آڻڻ ناهي ڏيندي، هن وقت مافيا ائين گڏ ٿي وئي آهي، جيئن هڪ اسپتال ۾ سڌار آڻڻ تي مافيا متحد ٿي ويندي آهي، مافيا کي جيل وڃڻو ئي پوندو، لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته نئون پاڪستان بَٽڻ دٻائڻ سان نه، پر جدوجهد ذريعي ايندو، قوم جِي ڊگهي جدوجهد جَي نتيجي ۾ ئِي تبديلي ايندي آهي، جيڪي ماڻهو کنگهه جَي علاج لاءِ به لنڊن وڃن، اُنهن کي پاڪستان جَي عوام جِي پرواهه ڇو هوندي؟