ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو آهي ته مون کي ڪو ادارو پاڪستان ۾ ناهي وٺي آيو، ناليوارا سياستدان ڊيل جو تاثر ڏئي رهيا آهن جڏهن ته پيپلز پارٽي ڊيل تي لعنت موڪلي ٿي. سنڌ هاءِ ڪورٽ شرجيل ميمڻ جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ضمانت ملڻ تي الله جو شڪر ادا ڪيان ٿو، منهنجي غير مو/=جودگي ۾ مون تي ڪيس بڻايا ويا، پاڻ کي عدالت جي سامهون پيش ڪيو آهي، چوڌري نثار کي بحث مباحثي جو چيلينج ڪيان ٿو، مسلم ليگ ن جو هر محاذ تي مقابلو ڪنداسين. هن چيو ته پ پ ڊيل تي لعنت موڪليندي آهي، ڊاڪٽر عاصم جي ضمانت کي ڊيل چوڻ عدالت توهين آهي، چوڌري نثار اي سي ايل کي پنهنجي جاڳير سمجهي رهيو آهي، اسان کي عدالتن ۾ صفائي پيشن ڪرڻ جو حق حاصل آهي. جيترا به ڪيس بڻيا اهي ڇهه مهينا پهرين بڻيا، چوڌري نثار ڪهڙي قانون تحت منهنجو نالو اي سي ايل ۾ وڌو. هن وڌيڪ چيو ته ن ليگ ادارن جي پويان نه وڙهي، آمر جي پيداوار سان ڪا به ڊيل نه ٿيندي، عدالت جو رخ ڪيو آهي هر ڪيس جي پيروي ڪندس، نه ڊيل ٿي نه ڪنداسين ۽ نه وري ڪا رعايت گهرنداسين جڏهن ته چوڌري نثار نواز شريف ۽ سندس پٽن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهي.