مسلم ليگ ن جون پاليسيون وفاق لاءِ خطرو آهن: بلاول ڀٽو

اسلام آباد (بيورو): پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مسلم ليگ ن جون پاليسيون وفاق لاءِ خطرو آهن، مخصوص علائقن لاءِ 37 ارب رپين جا 97 گئس منصوبا منظور ڪيا ويا، اهي منصوبا وفاق تي ڪهاڙي وهائڻ، صوبن ۾ ويڇا وڌائڻ برابر آهن، سنڌ جي ادائگي باوجود عمرڪوٽ کي اڃا تائين گئس فراهم ناهي ڪئي وئي، نواز شريف پنجاب جي مخصوص حلقن کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز شريف 90 جي ڏهاڪي ۾ ڪيٽي بندر، ٿر ڪول جهڙن اهم منصوبن کي ختم ڪيو، لساني نعرا لڳائيندڙ صوبن جي اتحاد لاءِ خطرو بڻجي ويا آهن، هن چيو ته ن ليگ کي ڪجهه سيٽن لاءِ وفاق کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين، حڪومت سنڌ ۾ گئس جي فراهمي لاءِ درخواستون رد ڪندي رهي آهي، ننڍن صوبن جي هزارين ملازمن کي برطرف ڪيو ويو هو، پيپلز پارٽي چيئرمين چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جو وفاق لاءِ نون گئس منصوبن کي غير قانوني قرار ڏيڻ درست آهي، وفاق کي درپيش ظاهري يا ڳجهن خطرن کي برداشت نه ڪنداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *