مسلمان ملڪن جا حڪمران الله جي ڪتاب تي عمل ۽ ان مطابق حڪمراني ڪن: شيخ سعد بن ناصر الشزي

مڪي المڪرمه(مانيٽرنگ ڊيسڪ): مسجد نمرا ۾ حج جي خطبي دوران ڊاڪٽر شيخ سعد بن ناصر الشزي مسلمان ملڪن جي حڪمرانن کي مخاطب ڪندي زور ڀريو آهي ته الله جي ڪتاب تي عمل ۽ ان موجب حڪمراني ڪن، زيادتي مسلمانن سان ٿئي يا غير مسلمانن سان ٿئي، اسلام ۾ منع آهي، هر قسم جي ساڙ کان پاسو ڪيو وڃي، ڪنهن عربي کي عجمي ۽ ڪنهن عجمي کي عربي تي فوقيت ناهي، الله جي رستي تي هلڻ ۾ ڇوٽڪاري جي راهه آهي. دعا آهي ته الله تعاليٰ مسجد اقصيٰ مسلمانن کي واپس ڏئي. خميس تي ميدان عرفات ۾ مسجد نمرا ۾ شيخ ڊاڪٽر سعد بن ناصر حج جي خطبي دوران چيو ته مان الله ۽ ان جي سمورن نعمتن جو شڪر گزار آهيان ۽ الله جي گواهي ڏيان ٿو، جيڪو واحد آهي ۽ اها به گواهي ڏيان ٿو ته حضرت محمد صه الله جو آخري نبي آهي، جيڪو هر طرح جي خيانت ۽ بهتان کان آزاد آهي. حضرت محمد صه تي درود ۽ سلام هجي، ان جي آل تي ۽ تمام ان جي ماڻهن تي جيڪي ان جي اتباع ڪن ٿا. اي انسانو مان توهان کي نصيحت ڪيان ٿو ته توهان تڪوه استعمال ڪيو ۽ ان جي عملن تي عمل ڪيو ۽ منڪر نه ٿيو، الله تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ فرمايو آهي ته الله نيڪ بندن کي پسند ڪري ٿو ۽ انهن سان محبت ڪري ٿو، توهان الله تعاليٰ جي تڪوا ڪيو ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ ڀلائي حاصل ڪيو، الله تعاليٰ واعدو ڪيو آهي، ان جا متقي بندا جنت ۾ داخل ڪيا ويندا، هن جاءِ تي الله تعاليٰ فرمايو ته جيڪو تڪوا اختيار ڪندو، الله ان جي هر مشڪل آسان ڪندو. هن چيو ته الله تعاليٰ جي تڪوه اختيار ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته الله تعاليٰ جي ڏسيل ڪمن تي عمل ڪيو ۽ ان جو سڀ کان بنيادي حڪم اهو آهي ته الله تعاليٰ جي توحيد اختيار ڪئي وڃي ۽ الله تعاليٰ کانسواءِ ڪنهنجي به عبادت نه ڪئي وڃي، الله تعاليٰ حڪم ڏنو آهي ته توهان ان جي عبادت ڪيو، ان جي اڳيان نماز پڙهو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *