مسجدن ۽ مدرسن جو خاتمو اولهه جي سياسي ايجنڊا آهي: مولانا فضل الرحمان

پشاور(م ڊ) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان آمريڪي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار مولانا فضل الرحمان پيغام اسلام يوٿ ڪنونشن سان خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مسجدن ۽ مدرسن جو خاتمو ڪرڻ اولهه جي سياسي ايجنڊا آهي، اسلام کي ختم ڪرڻ اولهه جي ايجنڊا آهن، پر اسان ان سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته پاڪستان جو عوام ڄاڻي ٿو ته جي يو آءِ جو مقام ڪهڙو آهي، جي يو آءِ جڏهن به ڳالهائيندي آهي مسلمان امت جي ڳالهه ڪندي آهي، اسان پاڪستان ۾ سرگرم اسلام مخالف قوتن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. هن پنهنجن مخالفن تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪجهه ماڻهن دعويٰ ڪئي ته اها نوجوانن جي پارٽي آهي، پر دعويدارن جو موجوده منظر ڪا ٻئي ڪهاڻي بيان ڪري رهيو آهي.  اسان سان اهو طبقو سلهاڙيل آهي جيڪو ديني جذبا رکي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته هڪ نظرياتي جنگ وڙهي رهيا آهيان، اينٽي پاڪستان فڪر جو نمائندو ناهيان، اسان خاموش آهيون ته ان جو به هڪ سبب آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *