مستونگ ۾ آپگهاتي ڌماڪو، اسلم رئيساڻي جي ڀاءُ سميت 85 ڄڻا شهيد

مستونگ (م ڊ) مستونگ جي علائقي درينگڙهه ۾ چونڊ مهم دوران ڌماڪي جي نتيجي ۾ 85 ڄڻا شهيد ۽ 25 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. بلوچستان عوامي پارٽي جي اميدوار سراج رئيساڻي جي چونڊ مهم دوران آپگهاتي حملي آور پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 70 ڄڻا شهيد ۽ 25 زخمي ٿي پيا. مستونگ جي ڊپٽي ڪمشنر واقعي ۾ 27 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته نوابزادا لشڪري رئيساڻي به ڀاءُ سراج رئيساڻي جي شهادت جي تصديق ڪئي آهي. سراج رئيساڻي کي زخمي حالت ۾ علاج لاءِ ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو هو، جتي هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. ريسڪيو اهلڪارن زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، جتي سندن علاج ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن واقعي کانپوءِ ڪوئيٽا جي سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ موڪلن تي موجود ڊاڪٽرن توڙي طبي واپس کي واپس گهرايو ويو آهي. سراج رئيساڻي بلوچستان عوامي پارٽي جو اميدوار هو ۽ تڪ پي بي 35 مستونگ تان چونڊ ۾ حصو وٺي رهيو هو، جڏهن ته هو بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير اسلم رئيساڻي جو ننڍو ڀاءُ هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *