مستونگ سانحي تي سڄي ملڪ ۾ سوڳ، ڪاروبار بند، 300 خاندان متاثر

مستونگ ( م ڊ ) بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي 131 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 150 کان وڌيڪ زخمي آهن. 197 ماڻهو شهيد ٿيڻ جا اطلاع آهن. اڄ وفاقي حڪومت جي سڏ تي سرڪاري طور سوڳ ملهايو ويندو. شهيدن جا مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪياويا.  مستونگ جي علائقي درين گڙهه ويجهو بلوچستان عوامي پارٽي جي چونڊ مهم دوران آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ اڳوڻي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي جي ننڍي ڀاءُ سراج رئيساڻي سميت 128 ماڻهو شهيد ٿي ويا جڏهن ته 150 ماڻهو زخمي ٿيا. بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ 16 کان 20 ڪلو ڌماڪيدار مواد استعمال ڪيو ويو آهي. مستونگ ڌماڪي کانپوءِ ڪوئيٽا جي سرڪاري اسپتالن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آهن جڏهن ته نگران وڏي وزير علاوالدين مري مستونگ ۾ سراج رئيساڻي  تي آپگهاتي حملي جي مذمت ڪندي ڊپٽي ڪمشنر مستونگ کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي. مستونگ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل پي بي 35 مستونگ تان عوامي پارٽي جي اميدوار سراج رئيساڻي جي شهادت بعد تڪ ۾ چونڊ ملتوي ڪئي وئي آهي، ڌماڪي سبب بلوچستان ۾ ٻن ڏينهن جو سوڳ ملهايو پيو وڃي جڏهن ته سرڪاري عمارتن تي قومي جهنڊو جهڪيل آهي.  پاڪستان بار ڪائونسل طرفان مستونگ ۽ بنون سانحي تي ٻن ڏينهن جي سوڳ ۽ هڪ ڏينهن هڙتال جو اعلان ڪيو آهي. اهي به اطلاع آهن  مستونگ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن جو انگ 197 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 150 کان وڌيڪ مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. چيف اليڪشن ڪمشنر واقعي جو نوٽيس وٺندي نگران وڏي وزير، آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. مستونگ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ نوابزاده سراج رئيساڻي جي جنازي نماز موسيٰ اسٽيڊيم ۾ ادا ڪئي وئي. جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه، آءِ جي ايف سي ميجر جنرل نديم انجم،نگران وڏي وزير علاءُ الدين مري شهيد جي ڀائرن نواب اسلم رئيساڻي، لشڪري رئيساڻي ۽ هزارين عام ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هر اک آلي هئي. مڙهه اباڻي ڳوٺ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي تازن واقعن تي نگران وزيراعظم ناصر الملڪ آچر تي سرڪاري طور تي هڪ ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. سوڳ جي ڏهاڙي جو اعلان بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ شهيد ماڻهن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف وزيراعظم آفيس طرفان گهرو وزارت کي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس مان هدايتن کانپوءِ گهرو وزارت  سوڳ ملهائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سعودي عرب، جاپان، ايران، گڏيل عرب رياستن، او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر يوف العثمين، يورپي يونين، آمريڪا، گڏيل قومن، برطانيا ۽ ٻين ملڪن به هن واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هوڏانهن بلوچستان عوامي پارٽي به 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.هن ڌماڪي ڪيترائي خاندان اجاڙي ڇڏيا آهن. 300 کان وڌيڪ خاندان متاثر ٿيا آهن. هڪ خاندان جا 11، ٻئي جا 7 ۽ ٽئين جا 4 ڀاتي شهيد ٿيا. ڪيترن ئي گهرن مان ٻه ٻه جنازا کنيا ويا. هڪ ڳوٺ جا 20 ڄڻا شهيد ٿيا. صوبي ۾سوڳ آهي. درين ڳڙهه ۾ ڪاروبار بند رهيو. پاڪستان بار ڪائونسل جي اڳواڻ ڪامران مرتضيٰ جيو نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سانحي۾ 190 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا آهن.انگ گهٽ ظاهر ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي زخمين جي حالت به نازڪ آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *