اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم عمران خان جي سڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته گلو بٽ جي سرپرستن جي وات مان اهڙيون ڳالهيون قوم سان مذاق آهي.رپورٽ موجب فردوس عاشق اعواڻ مريم نواز جي ٽوئيت جو جواب ڏيندي چيو آهي ته مريم نواز کي ماڊل ٽائون سانحي تي اهڙو بيان جاري ڪرڻ گهرجي ها. مريم نواز جي بيان تي ردعمل ڏيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مريم نواز بيان ڏيڻ وقت ماڊل ٽائون سانحي ۾ بزرگن، عورتن تي ڪيل ظلم ڇو وساري ويٺي آهي؟فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مريم هٿين خالي ڪارڪنن تي ڪيل ظلم، وسايل گوليون ڇو وساري ويٺي آهي؟ سندس چوڻ هو ته گلوبٽ جي سرپرستن جي واتان اهڙيون ڳالهيون قوم سان سنگين مذاق آهي. ياد رهي ته پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن مٿان پوليس جي تشدد خلاف ٽوئيٽ تي مريم نواز چيو هو ته چوري جي ووٽن سان ايندڙن ملڪ جو 9 مهينن ۾ حالتون ئي خراب ڪري ڇڏيون آهن.جڏهن ته ان کان اڳ حمزه شهباز به پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن به پوليس طرفان لاٺي چارج جي مذمت ڪندي چيو هو ته نالائق اعظم جي حڪومت سياسي ڪارڪنن کان گهٻرائجي وئي آهي. ڇو ته عمران خان مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويو آهي جنهن جو بدلو هو مخالف ڌر کان وٺي رهيو آهي.