اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ اعتزاز احسن جو چوڻ آهي ته ڊان ليڪس معاملي ۾ مريم نواز کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ان لاءِ ئي طارق فاطمي ۽ رائو تحسي کي قربانيءَ جو ٻڪرو ٻڻايو ويو آهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن وڌيڪ چيو ته مريم نواز وزير اعظم نواز شريف جي وراثت کي اڳتي کڻي وڃڻ چاهي ٿي ۽ حمزه شهباز شريف جو پتو ڪٽيو پيو وڃي، وزير اعظم نواز شريف استعيفيٰ ڏيندو ته مريم نواز کي ان جي جاءِ تي آندو ويندو، پاناما جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مريم نواز پنهنجي والد جي خرچ تي زندگي نه پئي گذاري، ٿي سگهي ٿو ته جي آءِ ٽي ان حد تائين پهچي وڃي ته مريم نواز کي خرچ ڪير ٿو ڏئي، ڊان ليڪس جي حوالي سان اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته حڪومت ظفر عباسي ۽ سرل الميڊا جهڙن سٺن صحافين خلاف ڪارروائي جي هدايت ڏني آهي، ڊان ليڪس معاملي ۾ مريم نواز کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ان ڪري طارق فاطمي ۽ رائو تحسين کي قربان ڪيو ويو، هن چيو ته چوڌري نثار جي اها ڳالهه بلڪل درست آهي ته ٽوئيٽس زهر قاتل آهن، پر مريم نواز جو ميڊيا سيل ئي وزير اعظم هائوس ۾ آهي اها اهڙن اجلاسن جا ٽوئيٽس ڪندي آهي، جن ۾ اها موجود ئي نه هوندي آهي. چوڌري نثار ۾ جرئت آهي ته مريم نواز جا ٽوئيٽس بند ڪرائي ڏيکاري.