مريم نواز کان پوءِ خواجه آصف به ميثاق معيشت کي مذاق معيشت قرار ڏئي ڇڏيو

سيالڪوٽ: (م ڊ)  مسلم ليگ(ن) ۽ قومي اسيمبلي ۾ پارٽي جي پارلياماني اڳواڻ خواجه آصف ميثاق معيشت کي مذاق معيشت قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ڳالهائڻ چاهي ٿي ته بجيٽ تي اپوزيشن جي تجويزن تي عمل ڪري.سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجه آصف چيو ته اسان جي پارٽي بجيٽ ۾ بحث تي ڀرپور نموني حصو وٺي رهي آهي، اها بجيٽ عوام دشمن آهي، اها بجيٽ معاشي بدحالي جو سبب ٿيندي، اها قومي معيشت ۽ ڪاروبار لاءِ هاڪاري ثابت نه ٿيندي. هن چيو ته موجوده حڪومت کان چار هزار ارب رپين جو ٽيڪس گڏ نه ٿي سگهيو تنهن باوجود اوڳاڙين جو هدف وڌايو ويو آهي جيڪو عوام تي اثرانداز ٿيندو، مستقبل ۾ مهانگائي آسمان کي ڇهندي.  سندس چوڻ هو ته اهڙن تجربن سان معاشي حالت بهتر ٿيندي نظر نه اچي رهي آهي، الله ڪري منهنجو تجزيو غلط ثابت ٿي پر حڪومت ناڪام نظر اچي رهي آهي.خواجه آصف چيو ته ڊالر 185 رپين تي ويندي نظر اچي رهيو آهي، حڪومت معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ ٻاهران ڊاڪٽر گهرائڻ بدران ملڪ ۾ موجود ماڻهن کان راءِ وٺي، پرويز مشرف جي حڪومتي دور ۾ به اهڙا ماڻهو آيا جيڪي واپس هليا ويا.  هن چيو ته زيرو ريٽڊ ٽيڪس جي خاتمي سان اسان جو ڪاروبار متاثر ٿيو ۽ اسان جي صنعتڪارن لاءِ وڏو ڌچڪو هوندو، اسان جي ايڪسپورٽرن جا اربين رپيه اڄ به حڪومت وٽ ڦاٿل آهن.سندس چوڻ هو ته معيشت تي سمورن سياسي طاقتن کي هڪ پيج تي هئڻ گهرجي، ڇڪتاڻ نه ٿيڻ گهرجي، بجيٽ تي حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ شديد اختلاف آهن،جيستائين اهو ماحول ٺيڪ نه ٿيندو تيستائين ميثاق معيشت تي ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن، اسان معيشت جي قتل ۾ شامل نه ٿينداسين، حڪومت ڳالهائڻ چاهي ٿي ته بجيٽ تي اپوزيشن جي تجويزن تي عمل ڪري.مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ چيو ته شهباز شريف ميثاق معيشت جي تجويز پيش ڪئي مريم نواز به ميثاق معيشت تي جيڪا ڳالهه ڪئي هئي اها صحيح آهي. نوازشريف جو شهباز شريف تي مڪمل اعتماد آهي جڏهن ته مريم نواز جو هڪ پنهنجو سياسي مستقبل آهي. مريم نواز جو ميثاق معيشت تي اختلاف ان ڳالهه جي شهادت آهي ته اسان جي پارٽي ۾ به جمهوريت آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *