سوات (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نواز شريف جي ڌيءُ ان ڪري ڳالهائي رهي آهي ڇو ته اسان هتي عورتن جو احترام ڪندا آهيون ۽ هوءَ ان جو فائدو وٺندي ان فوج خلاف ڳالهائي رهي آهي، جيڪا روز قربانيون ڏئي رهي آهي.سوات ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان جا وڏا ڦورو گڏ ٿيا ويا آهن ۽ اين آر او گهري رهيا آهن، اهو ائين آهي ته ڪير توهان جي گهر تي ڌاڙو هڻي ته توهان کي قرض وٺڻا پوندا آهن، اهي قرضي ڌاڙو هڻندڙن کي پڪڙيندو آهي ۽ پنهنجو پئسو گهرندو آهي پر اهي چوندا آهن ته اسان قانون کان مٿانهان آهيون ۽ پئسو نه ڏينداسين.هن چيو ته هڪڙو لنڊن وڃي ويهي رهيو آهي، هو بيمار هجڻ جي ايڪٽنگ ڪري رهيو هو، جنهن تي اسان کي ترس آيو، اسان جون عورتون ان کي ڏسي روئڻ شروع ٿي ويون هيون ۽ عدالتن به چيو ته وڃڻ ڏيو، هن ٻاهر وڃي اڳ ۾ ڪوشش ڪئي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اين آر او ملي وڃي پر هو ڄاڻي ٿو ته عمران خان اين آر او نه ڏيندو، پوءِ هن پاڪستاني عدليا ۽ فوج تي حملن جي راند شروع ڪري ڇڏي، پنهنجو پئسو بچائڻ لاءِ لنڊن ۾ ويهي فوج کي بغاوت ڪرڻ جو چئي رهيو آهي، ان کان وڌيڪ ملڪ جو دشمن ڪير ٿو ٿي سگهي.سندس چوڻ هو ته هتي ان جي ڌيءُ به اهڙيون ئي ڳالهيون ڪري رهي آهي پر ان جا پٽ هتي نٿا اچن، ڇو ته کين خبر آهي جيل ويندا، ڌيءُ ان ڪري اهڙيون ڳالهيون پئي ڪري، ڇو ته اسان هتي عورتن جو احترام ڪندا آهيون ۽ ان جو فائدو کڻندي هوءَ ان فوج خلاف ڳالهائي رهي آهي، جيڪا روز قربانيون ڏئي رهي آهي، ٻيو ڪو ملڪ هجي ها ته کيس جيل ۾ وڌو وڃي ها پر عورت هجڻ سبب ان کي کليل نموني ڳالهائڻ جي اجازت آهي.عمران خان موجب نواز ۽ زرداري هڪٻئي کي 30 سالن کان ڪرپٽ چئي رهيا آهن، انهن ٻنهي ئي هڪٻئي تي ڪيس ڪيا، هاڻ گڏجي مون کان اين آر او گهري رهيا آهن پر سمجهان ٿو ته جنهن ڏينهن انهن ڦورن کي اين آر او ڏنو، ان ڏينهن ملڪ سان سڀ کان وڏي غداري ڪندس