لاهور (ڊيسڪ رپورٽ) آءِ جي جيل پنجاب مريم نواز جو موبائيل فون تحويل ۾ وٺڻ ۽ اُن مان هم ڄاڻ ملڻ وارين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽس موجب پنجاب جي آءِ جي جيل شاهد سليم بيگ طرفان هڪ وضاحتي بيان جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هُن وفاقي وزير شيخ رشيد جي مريم نواز جي موبائيل جي حوالي سان ڪيل دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. شاهد سليم بيگ جو چوڻ هو ته ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد مريم نواز وٽان ڪوبه موبائيل فون هٿ نه ڪيو ويو آهي، نه ئي اُن حوالي سان جيل عملي خلاف ڪا شڪايت ملي آهي. وضاحتي بيان ۾ هُن وڌيڪ چيو ته موبائيل فون ۽ اهم رڪارڊ ملڻ جي حوالي سان شايع ٿيل خبرن ۾ ڪابه سچائي نه آهي، اهڙيون خبرون بي بنياد، هٿ ٺوڪيون ۽ پروپئگنڊا آهن. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي وزير شيخ رشيد پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته لاهور جيل ۾ قيد هڪ صاحبزاديءَ جو موبائيل تحويل ۾ ورتو ويو، جنهن مان زبردست انفارميشن ملي آهي. اُن سان جيڪي ماڻهو رابطن ۾ هئا، اُنهن جي حوالي سان سمورو رڪارڊ موبائيل فون ۾ موجود آهي.