مريم اورنگزيب وزيراعظم کي عقل ۽ دماغ صحيح ڪرڻ لاءِ ٽِڪا لڳرائڻ جومشورو ڏئي ڇڏيو

لاهور(م ڊ)مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب وزيراعظم کي عقل ۽ دماغ صحيح ڪرڻ جي لاءِ ٽِڪا لڳرائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي.مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اونگزيب چيو آهي ته عمران خان پاران ڪابينه جي مس گائيڊ(گمراهه) ڪرڻ جو بيان سندس ئي منهن تي چماٽ آهي. ڊالر 120 کان 160 جو ٿي ويو. اوهان کي ان جي ٽي وي تي خبر پئي، گيس 250 سيڪڙو ۽ بجلي 200 سيڪڙو مهانگي ٿي وئي اوهان کي ان جي خبر نه پئي. اوهان وزيراعظم آهيو، اوهان کي ڪو ٻيو ٻڌائي ته اوهان کي ياد ايندو آهي.؟16 مهينن ۾ تاريخي 11000 ارب جو قرض ورتو ويو ۽ چون ٿا ته وزير مس گائيڊ ڪري رهيا آهن.؟ اهڙا بيان ڏيندي اوهان کي شرم اچڻ گهرجي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب ڊاڪٽرن کي چئو ته اوهان کي اهڙو ٽڪو هڻي جيڪو اوهان جو دماغ صحيح ڪري. 16 مهينن ۾ 5.8 سيڪڙو ترقي تي ويندڙ خوشحال ملڪ کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو ۽ هاڻ وري چوي ٿو ته وزير گمراهه ڪري رهيا آهن.؟

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *