مريم اورنگزيب، مريم نواز جو پرس کڻڻ تي تنقيد جو نشانو

لاهور(م ڊ) پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب جي وڊيو ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيون آهن جن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هوءِ جنيوا ۾ مريم نواز سان گڏ سندس 2 بيگ کڻي وڃي رهي آهي، سوشل ميڊيا صارفين موجب مريم اورنگزيب مريم نواز جو ٿيلهو به کنيو آهي، جنهن تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي، مليحا هاشمي لکيو آهي ته جيڪڏهن مريم اورنگزيب مريم نواز جو پرس نه کڻي ته ڇا عوام جي خدمت ڪري؟ کيس مريم نواز جي خدمت لاءِ وزارت ڏني وئي آهي، جيڪڏهن ووٽ سان چونڊجي اچي ها ته ضرور عوام جي پريشانيءَ جو شڪار ٿئي ها، سموگ سبب ماڻهو مرن ٿا پر مريم نواز جو پرس کڻڻ ۾ پوري آهي، اظهر مشواڻي لکيو ته پنجاب هن وقت شديد سموگ جو شڪار آهي ۽ ماحوليات واري وزير، مريم نواز جو پرس کڻي سوئٽزرلينڊ ۾ گهمي رهي آهي، حافظ فرحت عباس لکيو ته جعلي وزيراعليٰ جنيوا ۾ پرس کڻڻ لاءِ ماحوليات واري وزير مريم اورنگزيب کي به پاڻ سان گڏ وٺي وئي، پنجاب جي عوام کي سموگ ۾ اڪيلو ڇڏيو ويو آهي، مرزا شهزاد اڪبر لکيو ته جڏهن ميرٽ بدران ذاتي خدمت جي بنياد تي وزير بڻايو ويندو ته ائين ئي ٿيندو آهي ۽ اها هن ملڪ جي بدقسمتي آهي، سيد بخاري لکيو ته جيڪڏهن مريم نواز پنهنجو ٿيلهو کڻي نه ٿي سگهي ته هو ايڏي وڏي صوبي جو وزن ڪيئن کڻندي؟ مسلم ليگ ن جي حامي ذيشان خان نيازي لکيو ته پنجاب ۾ سموگ جي ڪري صورتحال بدترين آهي پر اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته ڇا هن وقت ماحوليات واري وزير جو پرڏيهي دورو ان کان وڌيڪ اهم هو؟.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *