ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ)ڪراچي ۾ شموليتي ڪاميٽي جي اهم ميٽنگ زير صدارت چيئرمين شموليتي ڪاميٽي لياقت علي خان جتوئي جي ٻيٽو هائوس ڪراچي ۾ ٿي، سنڌ مان ڪافي مقبول ۽ مشھور نالا جنهن ۾ بدين مان ڊاڪٽرذوالفقار مرزا، ڊاڪٽر فهميده مرزا، ٿرپارڪر مان ارباب غلام رحيم , قمبر مان نادر مگسي، عامر مگسي، گهوٽڪي مان علي محمد مهر، راجا خان مهر، عمر ڪوٽ مان نواب يوسف ٽالپر، ڄامشورو مان ملڪ اسد سڪندر ۽ فقيرداد کوسو، لاڙڪاڻي مان ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ ممتاز ڀٽو، هالا مان مخدوم جميل الزمان، شڪاپور کان ابراهيم جتوئي، نوشهري فيروز مان مرتضيٰ جتوئي، ۽ ٻيا ڪيترائي ايم اين اي ۽ ايم پي اي شامل آهن انهن کي فائنل ڪري پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان جي منظوري وٺڻ لاءِ کيس موڪليا ويا ۽ انهن کي پوءِ پي ٽي آءِ ۾ باضابطه شامل ڪرايو ويندو. شامل ٿيندڙن ۾ پي پي جا 14 ايم پي ايز ۽ 5 ايم اين اي سميت مسلم ليگ نون ۽ ٻيا ڪجهه اسيمبلي ميمبر شامل آهن. سياست تي گهري نظر رکندڙ صحافين جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ ڳجهو اتحاد قائم ڪري ورتو آهي ايم ڪيو ايم اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه کي هٽائي پي ٽي آءِ جو اپوزيشن ليڊر آڻڻ واري قرارداد جي حمايت ڪندي ۽ پي ٽي آءِ اميدوار کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائيندي، پي ٽي آءِ ايم ڪيو ايم ايگريمنٽ تحت پي ٽي آءِ پنهنجون سرگرميون سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ وڌائيندي ايم ڪيو ايم هن دفعي صرف اردو ڳالهائيندڙن جي اڪثريتي علائقن ۾ اميدوار بيهاريندي باقي سمورن تڪن تي پي ٽي آءِ جي سپورٽ ڪندي بدلي ۾ پي ٽي آءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اردو ڳالهائيندڙ علائقن ۾ چونڊ مهم نه هلائيندي. ڪراچي جي سنڌي، بلوچ، پختون، پنجابي علائقن تائين چونڊ مهم محدود رهندي، ايم ڪيو ايم سنڌ اسيمبلي جي 130 جنرل تڪن مان 39 سيٽن تي ڪاميابي ماڻيندي آهي اردو آبادي جي علائقن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪمزور چونڊ مهم جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم اهي سب سيٽون ٿوري گهڻي فرق سان کڻي ويندي. پي ٽي آءِ ۾ جيترا پيپلز پارٽي، مسلم ليگ جا وڏيرا شامل ٿيندا پي ٽي آءِ ايتريون سيٽون کڻڻ ۾ ڪامياب ويندي. پي ٽي آءِ 25 کان 35 صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي ڪامياب ٿي وئي ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ گڏجي حڪومت ٺاهيندا، حڪومت ٺاهڻ لاءِ وڌيڪ ووٽن جي ضرورت پئي ته فنڪشنل ليگ وارن کي به حڪومت ۾ شامل ڪري وٺبو جن وٽ به حرن جي اڪثريتي تڪن جون 8 کان 10 سيٽون هونديون. ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ۽ ملڪي ادارا پهرين ڪوشش ۽ تياري اها ڪن پيا ته وڌ کان وڌ پيپلز پارٽي جا چونڊيل نمائندا پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪرائجن. کين ميڊيا ۽ لاجسٽڪ سپورٽ ڏجي، پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان ٻنهي کي گهٽ ۾ گهٽ 65 کان 70 سيٽن تي ڪاميابي ڏياري وڃي جيئن ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ گڏجي سنڌ حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب وڃن. وزير اعليٰ ايم ڪيو ايم ۽ اسپيڪر پي ٽي آءِ جو هوندو حڪومت ۾ شيئر، پاور، وسيلا اختيار ۽ وزارتون ٻئي پارٽيون اڌ اڌ ڪري پاڻ ۾ ورهائينديون. ايم ڪيو ايم پي ٽي آءِ ٺاهه موجب مڪاني ادارن جا اختيارميئر کي ڏنا ويندا، صوبائي اختيار ۽ وسيلا ميئر ڪراچي حوالي ٿيندا. ملڪي ادارن کي پڪ آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي ڀلي اڪثريت حاصل نه ڪري سگهي پوءِ به هو 50 کان 55 سيٽون حاصل ڪرڻ بعد به سنڌ جي وڏي پارٽي هوندي.