اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ مردم شماري فارم ۾ سک برادري جو خانو شامل ڪرڻ بابت شماريات واري اداري جي اپيل تي ٻڌڻي ڪندي عدالت سنڌ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي، هاءِ ڪورٽ مردم شماري فارم ۾ سک برادري جو خانو شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪئي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته مردم شماري جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي، ملڪ جي 63 ضلعن ۾ مردم شماري مڪمل ٿي چڪي آهي، نوان فارم ڇپرائڻ ممڪن ناهي.