ڪراڇي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات، بلديات، هائوسنگ ٽائون پلاننگ، مذهبي معاملن، ٻيلن ۽ جھنگلي حيات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو آهي ته وزير اعليٰ سنڌ جي خلاف ڪيس انتهائي ڪمزور آهي ۽ ان جي خلاف ڪو به ثبوت ناهي. هن چيو ته وزير اعليٰ سنڌ پارٽي اڳواڻن جي رهنمائي سان مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي. سيد ناصر حسين شاھ چيو آهي ته مراد علي شاھ لاڳاپيل ڪيس سان ڪو به تعلق ناهي. هن چيو ته وزير اعليٰ سنڌ کي ان کان پهرين ان ڪيس ۾ نوٽيس تائين جاري ناهي ڪيو ويو پر ان حڪومت کان ڪا به شيءِ پري ناهي اهي ڪجھ به ڪري سگھن ٿا. وزير اعليٰ سنڌ صرف ان ڪري پيش ٿيو جو ان تاثر کي ختم ڪري سگھجي ته هو وفاق جا حڪم ناهي مڃيندو. پر ان ڪيس ۾ مراد علي شاھ ملوث ناهي هو ان وقت سنڌ جو ناڻي وارو وزير هو. هن چيو ته اهو سڀ ڪجھ مفروضن ۽ کوکلي بنيادن تي ٻڌل آهي ۽ ان جو مقصد اصل معاملن کان ماڻهن جي توجه هٽائڻ آهي. سيد ناصر حسين شاھ چيو ته جهڙي ريت ڪرونا جي معاملي ۾ وفاقي حڪومت ڪجھ ناهي ڪيو ۽ اهو ان حد تائين پکڙجي ويو آهي جو ان تي ضابطو آڻڻ مشڪل ٿي ويو آهي. سيد ناصر حسين شاھ چيو ته اهڙي ريت هن کنڊ ڪميشن جي رپورٽ تان توجه هٽائڻ لاءِ مختلف حرڪتون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اهي پنهنجو پاڻ کي فرشتو سمجهي رهيا آهن ۽ ان معاملي ۾ انهن سوچيو هوندو ته وزير اعليٰ سنڌ پيش نه ٿيندو.