اسلام آباد ( م ڊ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته رياست ۾مذهب ۽ لسانيت جي بنياد تي ڏڦيڙ پکيڙڻ نه ڏينداسين. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ملتان ڇانوڻيءَ جو دورو ڪيو. دوري دوران ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته دهشتگردي ۽ شدت پسندي جا سبب ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي کانپوءِ استحڪام لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي ۽ انتها پسندي خلاف جنگ اڃا ختم نه ٿي آهي. آرمي چيف چيو ته سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي حمايت ڪنداسين. هن چيو ته امن ۽ استحڪام قانون جي عملداري سان ئي ممڪن آهي.