مذهبي جنونيت ۽ جهاد جي نالي تي معصوم انسانن کي قتل ڪرائڻ وارا ڪنهن به صورت ۾ مسلمان نٿا ٿي سگهن؛امير ڀنڀرو

ڪراچي (پ-ر (مذهبي جنونيت ۽ جهاد جي نالي تي معصوم انسانن کي قتل ڪرائڻ وارا ڪنهن به صورت ۾ مسلمان نٿا ٿي سگهن، اهڙا نام نهاد مذهبي گروپ الله جي بجاءِ شيطان جا پيروڪار آهن، اهڙن خيالن جو اظهار سنڌنيشنل پارٽي جي چيئرمين امير ڀنڀرو پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ ڪيو، هن چيو ته ناموس رسالت رسول صه ۽ اسلام جي نالي تي نام نهاد مذهبي جنونيت رکندڙ ٺيڪيدارن ملڪ ۾ فرقيواريت ۽ شدت پسندي جو ٻج پوکي عوام کي گهمراهه ڪري دهشتگرديءَ کي هٿي ڏئي رهيا آهن، اسلام امن، محبت، اخوت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿو، مذهب اسلام ڪنهن به بيگناهه جو رت وهائڻ جي اجازت نٿو ڏئي، نام نهاد مذهبي جماعتون ملڪ ۾ اسلام جي نالي تي معصوم ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو لائيسنس گهري رهيا آهن ، جيڪڏهن حڪومت نام نهاد جنونيت پسند جا مطالبا تسليم ڪيا ته نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا جو امن خطري ۾ پئجي ويندو، امير ڀنڀرو وڌيڪ چيو ته اسلام هڪ عالمگير مذهب آهي، اسلام امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو سبق ڏئي ٿو، دين اسلام ۾ ڪنهن به بيگناهه شخص جو رت وهائڻ جي اجازت ناهي، اسلام ۽ ناموس رسالت رسول صه جي نالي تي ماڻهن کي گهمراهه ڪري اسلام جي غلط تشريح ڪئي وڃي ٿي، ملڪ ۾ ملائيت کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسلام جي نالي تي ماڻهن کي اشتعال ۾ آڻي شدت پسندي ۽ دهشتگردي جون ڪاروائيون ڪرايون وڃن ٿيون، ڪجهه ديني مدرسا طالب علمن جي ذهنن کي برين واش ذريعي دهشتگردي لاءِ تيار ڪري رهيون آهن ۽ مذهبي جنونيت پسند ۽ انتهاپسند تنظيمون ناموس رسالت رسول صه ۽ جهاد جي نالي تي ماڻهن کي گهمراهه ڪري دهشتگردي ڪاروائيون ڪرائي رياست مٿان شدت پسندن ۽ مذهبي دهشتگردن جي غليظ ايجنڊا ٿاڦڻ چاهين ٿيون، امير ڀنڀرو وڌيڪ چيو ته رسالت ناموس رسول صه ۽ مذهب جي نالي تي ماڻهن ۾ اشتعال پکيڙي ملڪ ۾ وڌندڙ ملائيت جي خاتمي لاءِ سخت قدم کڻڻ وقت جي ضرورت آهي،سنڌ نيشنل پارٽي اهڙي ڪنهن به قانون يا تحريڪ خلاف پرامن مزاحمت ڪندي جنهن ۾ معصوم ٻارڙن، عورتن، مسجدن، گرجاگر يا چرچ کي مذهب جي بنياد بڻائي رت ۾ وهنجاريو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *