اسلام آباد ( بيورو ) مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته مديني جي رياست جي دعويدار حڪومت عوام جو مڪي مديني وڃڻ ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي. حج خرچن ۾ اضافي تي رد عمل ظاهر ڪندي شهباز شريف چيو ته حڪومت پاڪستاني حاجين کي ديني فرضن جي ادائيگي ۾ ڏکيائين جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، رياست جي دعويدار حڪومت عوام کي مڪي ۽ مديني وڃڻ ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو مهانگو حج قوم کي ڏنو آهي. هن چيو ته حڪومت حج کي مقدس مذهبي عبادت نه پر آمدني جي ذريعي طور ڏٺو، پي ٽي آءِ جي پهرين ڪابينا آهي جنهن حج تي ڪنهن به قسم جي ڪا سسبڊي ڏني آهي، تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ ٻيا فائدا حاجين کي ڏنا ويا آهن، اسان جي حڪومت 2018ع تائين قرباني سميت حج پيڪيج کي مهانگو ٿيڻ کان روڪيو. مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته حج ڪاروبار جو ذريعو نه عبادت آهي، حڪومت کي الله جي مهمانن کي سهولت ڏيڻي هوندي آهي، ڀارت ۾ به حاجي سڳورن کي سهولت ڏني ويندي آهي، عام ماڻهن لاءِ حج بابت سوچڻ به موجوده حڪومت ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي، مخالف ڌر حج پيڪيجز ۾ ايتري قدر اضافي جو معاملو قومي اسيمبلي ۾ اٿاريندي.