مدرسن جي رجسٽريشن بابت بل ايڪٽ بڻجي چڪو آهي: مولانا فضل الرحمان
December 12, 2024 at 7:37 pmجي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، مدرسن جي رجسٽريشن بابت بل جو فوري طور نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته مدرسن جي رجسٽريشن بابت بل ايڪٽ بڻجي چڪو آهي، بل تي ڏهن ڏينهن تائين صحي نه ٿيڻ تي ڇا اهو پاڻمرادو ايڪٽ ناهي بڻجي ويندو؟
ڊيرا اسماعيل خان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته 26هين آئيني ترميم تي صحي ٿي وئي ته مدرسن بابت بل تي ڇو نه ٿي؟ هو سمجهن ٿا ته بل جو فوري طور نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته هو ملڪ جي قانون سان گڏ بيهڻ چاهن ٿا، ڪيتريون ئي تنظيمون، اين جي اوز ۽ تعليمي ادارا ان ئي ايڪٽ تحت رجسٽرڊ آهن، معاهدي ۾ لکيل آهي ته سمورن مدرسن جا بئنڪ اڪائونٽ کوليا وڃن، کين ٻڌايو وڃي ته وفاق المدارس جي ڪنهن مدرسي جو اڪائونٽ کـُـليو آهي؟
مولانا فضل الرحمان چيو ته ڇا صدر هڪ ايڪٽ تي 2 ڀيرا اعتراض ڪري سگهي ٿو؟ سندن دعويٰ آهي ته مدرسن جي رجسٽريشن وارو بل ايڪٽ بڻجي چڪو آهي.
جي يو آءِ سربراهه چيو ته ان تي عدالت وڃڻو پيو ته به هو ويندا، بل ٺاهيندڙ ئي ان کي تڪراري بڻائي ماڻهن کي بل خلاف ڀڙڪائي رهيا آهن، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي موجودگيءَ ۾ شهبازشريف سان ڳالهيون ٿيون، ان کانپوءِ آصف زرداري وٽ اعتراض جي ڪهڙي گنجائش هئي؟