مخدوم امين فهيم هر سٺي ۽ بري وقت ۾ پيپلز پارٽي سان گڏ رهيو: مراد علي شاهه

هالا(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مرحوم مخدوم امين فهيم هر سٺي ۽ بري وقت ۾ پيپلز پارٽي سان گڏ رهيو. هالا ۾ پيپلز پارٽي جي اڳوڻي اڳواڻ مرحوم مخدوم امين فهيم جي ورسي جي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مخدوم امين فهيم هر سٺي ۽ بري وقت ۾ پيپلز پارٽي سان گڏ رهيو. اڄ جميل الزمان بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ ويٺو آهي ۽ هو هميشه اسان سان گڏ رهندو. هن چيو ته مون کي چيئرمين بلاول حڪم ڏنو ته هالا ۾ مرحوم مخدوم امين فهيم جي نالي سان ڪاليج بڻايو وڃي. اڄ ڪاليج جي منصوبي جي افتتاحي تقريب۾ شرڪت ڪري رهيو آهيان جڏهن ته جلد ئي ڪاليج تيار ٿيندو ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزير اعظم طور ان ڪاليج جو افتتاح ڪندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *