لاهور( بيورو رپورٽ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مخالف ڌر استعيفيٰ ڏئي ته اسان چونڊن لاءِ تيار آهيون. مخالف ڌر ۾ جيڪڏهن همت آهي ته اسيمبلين مان استعيفيٰ ڏئي. هن چيو ته ڇنڇر تي اپوزيشن ليڊر کي بينقاب ڪندس. وفاقي وزير دعويٰ ڪندي چيو آهي ته مولانا فضل الرحمٰن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه روبرو ملاقات ڪئي آهي. مولانا انڪار ڪيو ته تاريخ ٻڌائيندس. آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ملاقاتون اعزاز آهن. هن چيو ته پ پ چيئرمين کي جواب ڏئي سگهان ٿو پر اخلاقيات کان هٽڻ نٿو چاهيان. نواز شريف عظيم ادارن کي للڪاريون آهي. غلطي ٿي جو نواز شريف کي پرڏيهه وڃڻ ڏنوسين. شيخ رشيد چيو ته اها حقيقت آهي ته هڪ سياسي پارٽي سان گڏ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو به ليڊر آهيان. پيپلزپارٽي سنڌ مان استعيفائون نه ڏيندي. مولانا فضل الرحمان کي منهن جي کائڻي پوندي. هن چيو ته نون مان شين ضرور ٺهندي. مريم نواز جو 10 مهينا ٽويٽر اڪائونٽ بند هيو،هڪ سال نواز شريف جو منهن بند رهيو.