ڪراچي(م ڊ) واپار ۽ صنعت واري صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته ڪراچي جي لاءِ بهترين پيڪيج آهي، بلديا ڪراچي جي لاءِ بجيٽ ۾ 30 ارب رپين جو گرانٽ رکيو ويو. ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته مخالف ڌر ٻڌائي ته جڏهن هو پاڻ اقتدار ۾ هئا ته ان دوران هنن سنڌ جي لاءِ ڇا ڪيو؟ اسان ذڪر ناهيون ڪندا ته ڪنهن جي دور ۾ اسان کي ڪيئن انتقام جو نشانو بڻايو ويو. هن وڌيڪ چيو ته هاڻ جڏهن انهن تي ڳالهه آئي آهي ته اهي ڳالهيون ڪري رهيا آهن، هنن ڇا ڪيو؟ ڇا ڏنو؟ سانگهڙ کي ڇا ڏنو.