مخالف ڌر جي ٽي او آر تحت جاچ جو مطالبو، عدالتي ڪارروائي کانپوءِ خبر پوندي ته نواز شريف تان بحران ٽريو آهي يا نه : اعتزاز

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پيپلز پارٽي پاناما ليڪس جي جاچ کي مڃڻ ڪرڻ لاءِ شرط رکي ڇڏيا آهن ۽ چيو آهي ته مخالف ڌر جي ٽي او آرز تحت جاچ ٿي ته مڃنداسين. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته پارٽي پاناما ليڪس جي جاچ کي تسليم ڪرڻ جي لاءِ شرط رکي ڇڏيا آهن ۽ فيصلو ڪيو آهي ته مخالف ڌر جي ٽي او آرز تحت جاچ ٿي ته قبول ڪنداسين. هن چيو ته وزير اعظم نواز شريف جي لاءِ بحران گهٽيو آهي يا نه. اها سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي سان خبر پوندي جڏهن ته ٽي او آرز ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جاچ جو نتيجو ڇا هوندو. اعتزاز احسن وڌيڪ چيو ته ماڻهو ڏسڻ چاهن ٿا ته عدالت پنهنجو رويو نواز شريف لاءِ اهو ئي استعمال ڪندي جيڪو يوسف رضا گيلاني لاءِ ڪيو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *