اسلام آباد:(بيورو) مخالف ڌر جي جماعتن قومي احتساب بيورو (نيب) جي بجيٽ ۾ واڌ جي مخالفت ڪندي ان ۾ ڪٽوتي جي تحريڪ قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.رپورٽ موجب مخالف ڌر جي طرفان نيب جو بجيٽ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ 15 ڪٽوتي جون تحريڪون قومي اسيمبلي ۾ جمع ڇڏيون آهن.ان تحريڪن ۾ چيو ويو آهي ته نيب جي بجيٽ معيشت تي ٻوجهه آهي، ان کي نه وڌايو وڃي، جڏهن ته ان جو آپريشنل ۽ ترقياتي بجيٽ ختم ڪيو وڃي. مخالف ڌر جي جماعتن جي طرفان جمع ڪرايل تحريڪ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته نيب غيرجانبدار احتساب ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي، بجيٽ ۾ 3 ارب اضافو نيب کي نوازڻ جي مترادف هوندو.ڪٽوتي تحريڪ جمع ڪرائڻ وارن ۾ راڻا ثناءُ الله، نفيسه شاهه، يوسف ٽالپر، زاهد اڪرم دراني، مولانا اڪبر چترالي، شازيه مري، مهرين ڀٽو، راڻا شميم ۽ مرتضيٰ جاويد عباسي شامل آهن.