اسلام آباد (اين اين آءِ) مخالف ڌر سينيٽ ۾ وزيرن جي غيرحاضري تي سخت اهتجاج ڪندي گذريل ٻئي ڏينهن به ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو آهي جڏهن ته سينيٽ جي چيئرمين به وزيرن جي غير حاضر رکڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته وزيرن کي مقرر وقت تي اجلاس ۾ اچڻ گهرجي جمعي تي سينيٽ اجلاس ۾ مخالف ڌر وزيرن جي غيرحاضر رهڻ تي گذريل ٻئي ڏينهن به احتجاج ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو سينيٽ جو چيئرمين چيو ته وزيرن جي غير حاضر رهڻ تي وزيراعظم کي لکت ۾ پڇا ڪئي وڃي ته وزير ڇو نٿا اچن سينيٽ چيئرمين چيو ته وزيرن نٿا اچن اها سٺي ڳالهه نه آهي سينيٽر جاويد عباسي وزيرن جي غير حاضري کان پو3 واڪ آئوٽ جو اعلان ڪيو جنهن کان پوءِ مخالف ڌر وزيرن جي غير حاضري تي لاڳيتو ٻئي ڏينهن واڪ آئوٽ ڪئي ويئي ان موقعي تي سينيٽ اجلاس ۾ قورم جي نشاندهي ڪئي ويئي ۽ قورم پورو ڪرڻ لاءِ پنجن منٽن تائين گهنٽيون وڄايون ويون جڏهن ته حڪومت مخالف ڌر کي پرچائي ايوان ۾ واپس وٺي آئي جنهن کان پوءِ اجلاس جي ڪارروائي ٻيهر شروع ٿي سينيٽ ۾ قائداعظم يونيورسٽي جي زمين تان بي گهر ٿيندڙ ماڻهن بابت سينيٽر جاويد عباسي اعتراض وارو نقطو پيش ڪيو ناڻي مملڪتي وزير حامد اظهر پاران ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ چيو ويو ته قائداعطم يونيورسٽي جي زمين تان بي گهر ماڻهو جو پراڻو مسئلو حل نه ٿيڻ سي ڊي اي جي نااهلي آهي حماد اظهر چيو ته وزيراعطم هن مسئلي جي حل لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي ٺاهي آهي ناڻي جي مملڪتي وزير چيو ته هميشه سي ڊي اي کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو حماد اظهر چيو ته سي ڊي اي ۾ پنهنجن ماڻهن کي مقرر ڪري زمينن تي قبضو ڪيو ويو سينيٽ جو چيئرمين قائداعظم يونيورسٽي جي زمين تان بي گهر معاملن جو معاملو گهرو قائمه ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو ميان رضا رباني بجيٽ تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت جي اقتصاديي پاليسي کي سمجهڻ لاءِ اليڪشن ۽ ان جو نتيجو آڏو رکڻ ضروري آهي هن چيو ته سمورن وڏن ڪاروباري هائوسز موجوده حڪومت جي چونڊ مهم هلائي رضا رباني چيو ته وڏي ڪاروباري طبقي سميت نوان طبقا اڀري آڏو آيا آهن هن چيو ته ٻيو طبقو ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستانين جو آهي جن ٻاهر ملڪيتون ٺاهيون حڪومت جي بجيٽ وڏن طبقن ۽ ڪاروباري هائوسز جي بجيٽ آهي بجيٽ ۾ وڏن ماڻهن جي مفادن جو تحفظ ڪيو ويو آهي رضا رباني چيو ته حڪومت جي پاليسي مزدور طبقي کي ختم ڪرڻ آهي رضا رباني چيو ته هڪ سال جي عرصي ۾ 4 بجيٽ اچي چڪا آهن پر پراڻو اين ايف سي ايوارڊ برقرار آهي رضا رباني چيو ته ڪابينه اجلاس ۾ واصح پيغام ڏنو ويو آهي ته مزدورن جي وينينز کي وڌڻ نه ڏينداسين هن چيو ته ڏک جي ڳالهه آهي ته هڪ سال جي چئني بجيٽ ۾ اين ايف سي ايوارڊ کي نطرانداز ڪيو ويوآهي هن چيو ته وفاق کي نوان فنڊ ملي رهيا آهن پر صوبن کي بجيٽ نه پئي ڏني وڃي تاريخ پڙهي ڏسجي يا ته هن ملڪ ۾ سڌو يا اڻسڌو فوج جو ڪردار آهي مشرف به صوبن جي بجيٽ 53 سيڪڙو مان گهٽائي 43 سيڪڙو ڪئي هن چيو ته سنڌ مان گئس اچي رهي آهي ۽ سنڌ کي گئس نٿي ڏني وڃي رضا رباني چيو ته صوبن کي نظرانداز ڪرڻ آئين جي آرٽيڪل 153 جي خلاف ورزي آهي. رضا رباني چيو ته هن بجيٽ ۾ ميڊيا کي جيڪو رليف ڏنو ويو ان ۾ مالڪن کي فائدو ٿيندو هزارين اهڙا صحافين آهن جن کي ٻه کان ٽن مهينن جون پگهارون ناهن مليو جيڪڏهن رليف ڏيڻو هو ته صحافين کي به نظر ۾ رکيو وڃي ها هي بجيٽ عوام دشمن بجيٽ آهي رضا رباني چيو ته بجيٽ ۾ غريب مزدور ۽ پورهيت طبقن لاءِ ڪجهه نه آهي هن چيو ته جون جولاءِ جي بجيٽ جو اعلان به هاڻي ڪيو ويو آهي جنهن جو مثال نٿو ملي سينيٽر مشتاق احمد خان خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هن حڪومت کي ملڪ مان وياج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي ها جيڪڏهن هي ريفارم بجيٽ نه آهي ته عوام کي لالي پاپ ڏنو ويو آهي هن چيو ته 900 کان وڌيڪ شخصيتن 4 کرب، 30 ارب 4 ڪروڙ رپين جا قرض معاف ڪرايا اين ايف سي ايوارڊ نه ڏيئي صوبن جي معاشي مفادن کي نقصان پهچايو ويو هن چيو ته 200 ارب رپين کان وڌيڪ خيبرپختونخواهه کي ناهن ڏنا ويا. هن چيو ته پيٽرول بجلي، دوائن ۾ رليف بدران اگهه وڌايا ويا بجلي جي قيمت ۾ 57 پئسا في يونٽ واڌ سان عوام تي 4 ارب جو بار پوندو حڪومتي ميمبر اعظمس واتي چيو ته جتي رياست قانون ۽ آئين جي ذريعي اختيار ڏي ٿي اتي احتساب جو به اختيار ڏنو ويو هن چيو ته منهنجي خلاف پاڻمرادو نوٽيس ٿيو ته سڀ کان پهريان مان استعيفا ڏني مان سمورن وزيرن ڏانهن ويس سڀني چيو ته توهان بي ڏوهي آيو ڊاڪٽر بابر اعواڻ کان پوءِ مان ٻيو وزير هيس جنهن استعيفا ڏني. ميڊيا هائوسنز ۾ ڪجهه ويٺل پنڊتن مون مٿان الزام مڙهيا الزام لڳايو ويو ته منهنجي خلاف آمريڪا ۾ ڪيس داخل آهن مون تي الزام لڳايو ويو ته مان ٽيڪس نٿو ڏيان.