اسلام آباد( مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم نواز شريف جو پٽ حسن نواز جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿي بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو. واجد ضياءَ جي صدارت هيٺ جوڊيشل اڪيڊمي ۾ جي آءِ ٽي جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم نواز شريف جو پٽ حسن نواز جي آءِ ٽي سامهون ٽيون ڀيرو پيش ٿيو. حسن نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي جوڊيشل اڪيڊمي ٻاهران سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا ، جڏهن ته غير لاڳاپيل ماڻهن کي روڪڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو. مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن جو وڏو انگ به جوڊيشل اڪيڊمي ٻاهران موجود هو جيڪو حسن نواز جي حق ۾ نعريبازي ڪري رهيو هو. حسن نواز جي آءِ ٽي ۾ پيشي لاءِ پهچڻ وقت هٿ لوڏي ڪارڪنن کي نعرن جو جواب ڏنو. جي آءِ ٽي ۾ بيان قلمبند ڪرائڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي حسن نواز چيو ته مسئلو رڳو هڪ آهي وزيراعظم نواز شريف. هن چيو ته جي آءِ ٽي کان سوال ڪيو ته الزام آهي ته ٻڌايو وڃي ابتو گنگا نه وهائي وڃي. سندس چوڻ هو ته نوٽيس جاري ڪرڻ جي جمع بازار لڳائي وئي آهي، نواز شريف جي ٻارڙن کي دٻاءُ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. حسن نواز چيو ته حسن، حسين ۽ مريم کان ڪو مسئلو ناهي، اصل مسئلو نواز شريف آهي. هن چيو ته پيشي دوران مون کان برطانيا ۾ ڪاروبار بابت سوال نه ڪيا ويا آهن. سندس چوڻ هو ته دنيا ۾ الزام لڳندا آهي پوءِ جاچ ٿيندي آهي هتي ابتي گنگا وهي رهي آهي. حسن نواز چيو ته مان وزيراعظم نواز شريف جي حڪم تي جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿيو آهيان. هن چيو ته مون کي جي آءِ ٽي اعتماد ناهي، برطانيا مان گهرائي سوال ڪيا پيا وڃن پر الزام ته ٻڌايو وڃي. سندس چوڻ هو ته عدالتي ڪيس ختم ٿي ويو، جاچ ٿي رهي آهي ۽ الزام ڳوليو پيو وڃي. حسن نواز چيو ته جي آءِ ٽي کي جمعو جمعو 8 ڏينهن ٿيا آهن، وٽن کان شيءَ آهي ته ٻڌائي وڃي، مٿس موٽرسائيڪل چوري جو الزام هنيو وڃي. هن چيو ته 10، 12 نوٽيس ته اسان ڀيڻ ڀائرن وٽ جمع ٿي چڪا آهن. سندس چوڻ هو ته برطانيا ۾ ڪمپنين ۽ اثاثن بابت سمورا دستاويز جمع ڪرايا ويا آهن. حسن نواز چيو ته مخالفن کي مسئلو رڳو نواز شريف مان آهي.هوڏانهن قطري شهزادي جي آءِ ٽي جي لکيل خط جو جواب ڏيندي جي آءِ ٽي آڏو پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ حامي ڀري ورتي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي پاناما ڪيس جي جاچ ڪندڙ گڏيل جاچ ٽيم ۽ قطري شهزادي حماد بن جاسم وچ ۾ ٻيهر رابطو ٿيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته قطري شهزادي حماد بن جاسم جي آءِ ٽي آڏو پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي حامي ڀري ورتي آهي، قطري شهزادي چيو آهي ته جي آءِ ٽي خط جي تصديق لاءِ سندس رهائشگاهه تي وڃي هو کين انٽرويو ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ذريعن موجب شهزادي حماد بن جاسم چيو ته هو جي آءِ ٽي کي پهريون به خط جي تصديق ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي به بيان ڏيڻ لاءِ تيار آهي.