مخالفن صرف تنقيد ڪرڻ ڄاڻن ٿا، ملڪ هلائڻ جي هنن کي خبر ئي ناهي:سعيد غني

ڪراچي( اسٽاف رپورتر) سنڌ جي اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي هر طرح جي حالتن جو مقابلو ڪندي سالن وطن عزيز جي ماڻهن جي زندگي ۾ بهتر ڪرڻ لاءِ هر ممڪن طريقي سان ڪاوشون ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان جا مخالف اسانجي تيزي سان مڪمل ٿيندڙ ترقياتي ڪمن جي ڪري بوکلائجي ويا آهن. جنهن جي ڪري هو اسان تي بي بنياد الزام لڳائيندا رهندا آهن. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني اهڙن خيالن جو اظهار  آچر ڏهاڙي منظور ڪالوني ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺندي ڪيو. سعيد غني چيو ته سنڌ حڪومت جي ترجيحات ۾ سڀ کان پهرين ترجيح عوام الناس کي هر طرح جي بنيادي سهولت پهچائڻ آهي، جنهن لاءِ اسين هر ممڪن ڪوششن ڪريون پيا. پنهنجي اوچتي دوري دوران صوبائي وزير سعيد غني  منظور ڪالوني جي مختلف علائقن ۾ روڊن ۽ نالن جي تعمير جي ڪمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڳالهائنيدي سعيد غني لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن کي هلندڙ ترقياتي ڪمن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سعيد غني علائقي جي ماڻهن سان رلي ملي ويو ۽ هنن جا مسئلا ٻڌا. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني اتان جي ماڻهن کي يقين ڏياريو ته هو آئنده به هتي ايندو رهندو ۽ لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندو رهندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *