مخالفن جو ڪو نظريو ناهي، وڌيڪ 50 ليڊر جيل ۾ هوندا: فواد چوڌري

اسلام آباد ( بيورو ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته 50 کان وڌيڪ ليڊر ويندا. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته مخالف ڌر وٽ نه ڪا ليڊرشپ آهي ۽ نه وري ڪو نظريو آهي، مخالف رڳو پئسا بچائڻ لاءِ سياست ڪري رهيا آهن. هن چيو ته خواجه حارث سينئر وڪيل آهي، هن نواز شريف ڪيس جي ڪروڙين رپيه في ورتي آهي، خواجه حارث في نه وٺي ها ته مڃي ها ته نواز شريف کي سزا ملڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته بدقسمتي سان اهڙا فل پروف ڪيس ختم ٿيڻ ۾ سال لڳي ويندا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *