محنت ڪش ڪنهن به معاشري جي ڪرنگهي جي هڏي آهن :شهباز شريف

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف پهرين مئي تي محنت ڪشن، مزدورن کي سلام پيش ڪندي چيو ته محنت ڪش ڪنهن به معاشري جي ڪرنگهي جي هڏي آهن ۽ اُهي ئي دنيا کي سنواريندا آهن.شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هن سال پهرين مئي ڪورونا وائرس جي معاشي زوال جي دور ۾ آيو آهي، ڪورونا ۽ معاشي بربادي جو سڀ کان وڌيڪ بار مزدور، محنت ڪش برداشت ڪري رهيا آهن.هن چيو ته هر خاندان، پاڙي، علائقي ۽ پنهنجي ويجهي مزدور، محنت ڪش ۽ مستحق ماڻهن جي مدد ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *