ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته محمود آباد نالي کان پوءِ ٻين نالن تان حددخليون هٽايون وينديون. جن گهرن کي مسمار ڪيو ويندو انهن جي مالڪن کي ٻن سالن جو ڪرايو ڏنو ويندو. سنڌ حڪومت پنهنجي رهائشي اسڪيم شروع ڪري رهي آهي جنهن ۾ زمين سنڌ حڪومت ڏيندي جيڪي متاثرين اتي رهائش اختيارڪرڻ چاهن انهن کي ان اسڪيم ۾ ترجيح ڏني ويندي. نالن تان حددخليون هٽائڻ واري معاملي تي اسان سڀ هڪ پيج تي آهيون. هن اها ڳالهه محمود آباد ۽ منظور ڪالوني نالن جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چئي. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي لئيق احمد ، صدر پيپلزپارٽي ايسٽ اقبال ساند ، اڳوڻو يو سي چيئرمين فرحان غني ، سردار نزاڪت علي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سومر ڏينهن کان محمود آباد نالي تان وڏيون حددخليون جن ۾ گهر به شامل آهن انهن کي هٽايو ويندو. هينئر تائين هلڪي قسم جي حددخليون هٽايون ويون آهن. هن چيو ته حددخليون هٽائڻ کانپوءِ ٻنهي پاسي روڊ تعمير ڪيو ويندو ته جيئن ماڻهو گند ۽ ڪچرو نالن ۾ نه اڇلائن. هن چيو ته اسانجي ڪوشش آهي ته هن دفعي مون سون جي برساتن ۾ شهرين کي پريشاني نه ٿئي ۽ جيترو به پاڻي اچي اهو نالن ذريعي آساني سان نڪري وڃي. هن چيو ته پهرئين قبضو ڪندڙ ماڻهو هيٺين عدالتن مان اسٽي آرڊر وٺي ايندا هئا جنهن ڪري حددخليون هٽائڻ ۾ ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پوندو هو. هاڻي سپريم ڪورٽ ان معاملي نوٽس وٺڻ بعد حددخليون هٽائڻ وارو ڪم آساني سان سرانجام ڏنو پيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايدمنسٽريٽر مقرر ٿيڻ بعد ڪافي معاملا اسانجي سامهون آيا آهن جن جي جانچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سيز پنهنجون ملڪيتون گهٽ قيمتن تي ليز تي ڏنيون آهن ليز جا معاملا شفاف طريقي سان ناهن ٿيا، جن کي بهتر ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته مڪاني ادارن جو مدو پورو ٿيڻ جي آخر ۾ غير ضروري اسڪيمون منظور ڪري ڇڏيون هيون انهن جو جائزو ورتو پيو وڃي. جيڪي ترقياتي اسڪيمون شهر جي لاءِ بهتر هونديون انهن تي ئي ڪم ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪورنگي ضلعي ۽ سينٽرل ضلعي ۾ گذريل بلدياتي دور ۾ 16 کان 17 هزار ٽن ڪچرو لينڊ فل سائيٽ تي پهچايو ويندو هو. جنهن تي هڪ ڪروڙ 60 لک روپيا خرچ ڪيو ويندو هو. هينئر 40 کان 50 هزار ٽن ڪچرو هر مهيني لينڊ فل سائيٽ تي پهچايو پيو وڃي جنهن تي هڪ ڪروڙ 5 لک روپيا خرچ اچي ٿو. طريقيڪار کي شفاف بڻايو پيو وڃي ۽ هاڻي سرڪاري ٽيڪس سڌو سنئون سرڪاري اڪائونٽ ۾ جمع ٿئي پيو. پرچي سسٽم جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي لئيق احمد ۽ ڊي ايم سيز جي ايڊمنسٽريٽرن کي ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي ته هو ڪراچي جي انفرااسٽرڪچر کي بهتر بڻائن. هن چيو ته جتي پاڪستان پيپلز سان تعلق رکندڙ چونڊيل نمائندا نه آهن اتي به اسان اربين روپين جا ڪم ڪرايا آهن. اسان جو ويزن آهي ته ڪراچي کي ترقي ملي. هن چيو ته اسان خوشيء مان گهر نه ٿا ڪيرايون پر انتهائي سوچ ويچار کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ حددخليون هٽايون پيون وڃن ته جيئن ماڻهن جو گهٽ ۾ گهٽ نقصان ٿئي.