ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي گورنر عشرت العباد چيو آهي ته محمد زبير سٺو ماڻهو آهي ۽ آئون هن کي سنڌ جو گورنر مقرر ٿيڻ تي مبارڪ ڏيان ٿو. اميد آهي ته هو ڪراچي جا سمورا مسئلا حل ڪندو ۽ شهر ۾ امن ۽ امان جي فضا کي قائم رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته محمد زبير جي سنڌ جي گورنر طور مقرري وارو فيصلو خوشي ڏيندڙ آهي، محمد زبير سٺو ماڻهو آهي ۽ منهنجون اڪثر هن سان ملاقاتون ٿينديون رهيون آهن جڏهن ته سنڌ جي خاص حالتن ۾ گورنر جو عهدو اهم آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر عشرت العباد چيو ته منهنجي سياسي سرگرمين جو پري پري تائين ڪو به امڪان ناهي، سڀني سان سٺا رابطا ۽ دعا سلام آهي ۽ آئون جلد ئي پاڪستان ايندس.