محمد احمد مشوري علاج لاءِ آمريڪا روانو، سنڌ حڪومت پاران 5 ڪروڙ جاري

لاهور(م ڊ) لاڙڪاڻو ڪيڊٽ ڪاليج جي شاگرد محمد احمد مشوري کي علاج لاءِ آمريڪا نيو ويو آهي، محمد احمد پنهنجي پيءُ محمد راشد سان گڏ پي آءِ اي جي اڏام ذريعي لاهور کان آمريڪا روانو ٿي ويو آهي، محمد احمد جو علاج 15 فيبروري کان آمريڪا ۾ شروع ٿيندو. سنڌ حڪومت پاران سندس علاج لاءِ 5 ڪروڙ جاري ڪيا ويا. آمريڪي اسپتال محمد احمد جي علاج، آپريشن ۽ نرسنگ جو خرچ 4 ڪروڙ رپيا ٻڌايو هو. اسپتال پاران محمد احمد جو علاج ۳ مهينن ۾ ٿيڻ جو ٻڌايو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *