محرم الحرام کانپوءِ ڪچي ۾ آپريشن جو فيصلو ٿيندو: وزيراعليٰ سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه محرم الحرام ۽ سريلنڪا جي ٽيم جي مئچز جي موقعي تي سيڪيورٽي جي مڪمل انتظامن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي جي عوام ۽ واڳيل ادارن جي گڏيل ڪوششن سان ڪراچي ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي واپسي ٿي آهي. وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ محرم الحرام جي حوالي سان سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو ويو. اُن کانسواءِ محرم الحرام کانپوءِ ڪراچي ۾ سريلنڪا جي ٽيم جي مئچز جي حوالي سان انتظام به جائزي هيٺ آيا. اُهي مئچز 25 سيپٽمبر کان شروع ٿينديون. اجلاس کي گهرو کاتي جي سيڪريٽري طرفان محرم الحرام توڙي سريلنڪا جي ٽيم سان ٿيندڙ مئچز جي حوالي سان انتظامن بابت بريفنگ ڏني. اُن موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته اسان ڪرڪيٽ مئچز لاءِ به زبردست انتظام ڪيا ويندا، سندن ڪوششن سان ئي ڪراچي ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي واپسي ٿي آهي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته اها سڀني جي گڏيل ڪاميابي آهي، فوج، رينجرز، پوليس ۽ سڀ کان وڌيڪ عوام جي سهڪار سان ڪراچي ۾ عالمي ڪرڪيٽ ٿي رهي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته محرم کانپوءِ ڪچي ۾ آپريشن جو فيصلو ڪيو ويندو ۽ ڀُنگ لاءِ اغوا ۾ ملوث ڏوهارين خلاف ڪارروائي جاري رهندي محرم الحرام ۾ امن امان جي حوالي سان اجلاس دوران وڏي وزير آءِ جي سنڌ ڪليم امام سان مخاطب ٿيندي چيو ته محرم الحرام کانپوءِ ڪچي ۾ آپريشن جو فيصلو ڪنداسين، ڀُنگ لاءِ اغوا ۾ ملوث ڏوهارين خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن جاري رهندو. اجلاس دوران ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جي پاٿاريدارن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *