متحده وارا ٻين جي اشارن تي هلي رهيا آهن،ايم ڪيو ايم جو ٻٽو معيار نه هلندو :پ پ صوبائي وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته پيٽرول اگهن ۾ واڌ تي ايم ڪيو ايم رڳو مذمت ڪري جان نٿي ڇڏائي سگهي، ڇا ان معاملي تي پاڻ کي حڪومت کان الڳ نٿي ڪري سگهي؟ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم جو ٻٽو معيار نه هلندو، ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت ۾ سڪون سان ويٺي آهي، اسان جي دور ۾ پيٽرول مهانگو ٿيو ته ايم ڪيو ايم 4 ڀيرا اتحاد ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.هن چيو ته تحريڪ انصاف جي هر ڪم ۾ ايم ڪيو ايم به شريڪ آهي،  ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت خلاف ڪراچي جي شهرين ۾ نفرت پيدا نه ڪري، ايم ڪيو ايم جواب ڏئي ته ولي خان بابر ۽ عمران فاروق کي ڇو قتل ڪرايو؟ان موقعي تي اطلاعات واري وزير ناصر حسين شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم کي ڌرڻو هتي نه قومي اسيمبلي سامهون هڻڻ گهرجي، سنڌ اسيمبلي ٻاهران انهن جو احتجاج ۽ ڌرڻو فضول آهي.هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪا لگزري ڪار نه ورتي، ماڪڙ جي خاتمي لاءِ گاڏيون ورتيون ويون آهن، وڏي وزير چئي ڇڏيو آهي ته ڪا نئين گاڏي نه ورتي ويندي.سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت هر شعبي ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ جڏهن تيل جو اگهه گهٽيو هو ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي تيل درآمد ڪرڻ کان روڪيو ويو ۽ حڪومت پاڻ به تيل درآمد نه ڪيو، پيٽرول جو اگهه وڌڻ سان ڪنهن کي فائدو ٿيو، اڳتي هلي سڀ خبر پئجي ويندي.ناصر شاهه موجب سياسي شوشي طور ڪجهه ماڻهن اسيمبلي ٻاهران احتجاج ڪيو، بجيٽ ۾ ڪراچي کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي ۽ سڄي صوبي لاءِ منصوبا رکيا آهن، بجيٽ ۾ ملازمن ۽ مزدورن جي پگهارن ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *